ڪوهستان جي زمينن تي والار جاري، ڳوٺ مصري جاکري ۾ رات جي پيٽ ۾ 20 ايڪڙن تي قبضو

ٺٽو(ڊر) جھمپير ويجھو درگاھ گوگڙو پير لڳ ڪوھستاني ڳوٺ مصري جاکرو جي رھواسي نابين پيرسن گل محمد جاکرو، سندس پيرسن ڀاءُ جلال عرف جلو جاکرو پنھنجي ڀائٽين ڀورو ۽ درمحمد جاکرو سان گڏ دانھيندي چيو آھي ته گذريل رات دير سان بااثر قبضاگيرن پنھنجي ھٿياربند ماڻھن سان گڏ سندن ڳوٺ ڀرسان 20 ايڪڙ ڪوھستاني زمين ۽ پيئڻ جي پاڻي واري تلاءَ  تي قبضو ڪري جھوپڙيون ھڻي ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن، جيڪي کين موتمار ڌمڪيون ڏيئي ڳوٺ مان به  بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، ھنن چيو ته  ھن کان اڳ ۾ به  بااثر لينڊ مافيا سندن وڏي ايراضي تي قبضو ڪري ويئي آھي، ھاڻي باقي سندن ڳوٺ، مال جا چراھ گاھ ۽ پيئڻ جي پاڻي جا تلاءَ  وڃي بچيا آھن، جن تي به قبضا ڪري پيئڻ جو پاڻي به ڀرڻ نٿو ڏنو وڃي. ھنن چيو ته سندن زمين تي ٿيل قبضي جي دانھن جھمپير پوليس سميت ڊي سي ٺٽو کي به  لکت ۾ ڏني آھي، پر اڃان تائين قبضاگيرن خلاف ڪارروائي ٿي ناھي سگھي. ھنن چيو ته ھو ابن ڏاڏن کان ھن ڳوٺ ۾ آباد آھن، پاڻ نابين ھجڻ ڪري پنھنجا اباڻا ڪک توڙي زمينون ڪنھن به صورت ۾ نه ڇڏيندا. ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، وڏي وزير ، آءِ  جي سنڌ، ڊي آءِ  جي حيدرآباد، ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ساڻن انصاف ڪري سندن زمينن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي تلائن تي ٿيل قبضو خالي ڪرائي زمين سندن حوالي ڪري قبضاگيرن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.