درٻيلو ڀرسان واپاري قتل جو نئون رخ، شڪ ۾ زال گرفتار

نوشھرو فيروز ( رپورٽ: ظفر تڳڙ )درٻيلو ڀرسان ٽي هفتا اڳ مبينا طور گوليون هنڻي قتل ڪيل واپاريءَ منور سهاڳ جي قتل نئون رک اختيار ڪري ويو پوليس موبائيل سي ڊي آر جي جاچ بعد پوليس شڪ ۾ مقتول جي زال زاهده سهاڳ کي گرفتار ڪري ورتو، جسماني رمانڊ وٺڻ لاءِ ڀريا جي عدالت نيو ويو، گوليون هڻي قتل ڪيل واپاري جي ڀاءُ اصغر سهاڳ جي درخواست تي ڪيس ۾ مقتول جي زال زاهده سهاڳ ٽن سالن هڪ سالي هڪ سنڊھو سميت ڇهن ڄڻن شمس الدين سهاڳ ميهر، سهاڳ نادر سهاڳ، مسمات ثنا ڪلهوڙو، عبدالرزاق ڪلهوڙو جا نالا کولرائي ڇڏيا ٺاروشاھ پوليس ڪيس ۾ گهربل مقتول جي زال زاهده کي گرفتار ڪري ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٺاروشاھ اشرف ميمڻ ٻڌايو ته جاچ دوران موبائيل سي ڊي آر بعد جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آھي، مقتول جي ڀاءُ جي درخواست تي قتل ٿيل واپاري جي زال سالن ۽ سنڍهو کي جاچ ۾ شامل ڪيو آھي کين گرفتار ڪري جاچ مڪمل ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.