ڦلجي ۾ڀاڻ کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ)  ڦلجي شهر ۾ آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو ذريعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ڌرڻي جي اڳواڻي حاجي ادريس پنھور. الهه رکيو پنھور گلزار پهنور,خالد کوسو. امام الدين پنھور ڌڻي بخش پنهور جسقم اڳواڻ رمضان پنھور. لالا ظهير سومرو ايس ٽي پي جي اڳواڻ شہباز ملڪ ،مظهر جھتيال۽ ٻين ڪئي ڌرڻي سبب دادو کان سيتا روڊ ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون ڪيتريون ئي بهجي ويون. ڦلجي شهر ۾ ذرعي ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي ڌرڻو هڻيو ويو   ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڊي سي او دادو ۽ زراعت کاتي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته زرعي ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪري ڀاڻ وڌيڪ اڳ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي ڀاڻ جي کوٽ سبب ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي نه ڪري سگھيا آهيون جيڪڏهن بر وقت ڀاڻ نه مليو ته ڪڻڪ جو فصل نه ٿي سگهندو جنھن جي ڪري وڏو معاشي بحران  پيدا ٿي ويندو. احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته زراعت کاتي کي گهرجي ته ته آباد گارن کي زرعي ڀاڻ سرڪاري اگهه تي مهيا ڪري ڏنو وڃي  جي نه ته ٻي صورت ۾ ڊي سي دادو جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.