لاڙڪاڻي ۾ چيڪنگ دوران مبينا مقابلو، ڏوهاري فرار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ۽ علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس بقاپور لاڙي وٽان چيڪنگ دوران ڏوهه جي ارادي سان موٽرسائيڪل تي ويندڙ ٻن ڏوهارين کي بيهاري تلاشي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ڪري علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ واري صورتحال سبب شهري گهرن مان نڪري آيا جتان وجهه وٺي ڏوهاري موٽرسائيڪل سميت فرار ٿي ويا جن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس مدينه ڪالوني، مينهل آباد، مراد واهڻ ۽ ٻين علائقن ۾ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته اسين معمول موجب چيڪنگ ڪري رهيا هئاسين جتي موٽرسائيڪل سوار ڏوهارين کي بيهاري تلاشي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن فائرنگ ڪئي جنهن تي پوليس به فائرنگ ڪري بعد ۾ ڏوهاري فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين فرار ٿي ويل ڏوهارين کي پوليس سوگهو نه ڪري سگهي ۽ نه ئي اهڙو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.