ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان حادثو، 3 ڄڻا زخمي

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان لغاري واھ بس اسٽاپ حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزرفتار ڪار،موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشاءُ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ بچل خاصخيلي،مانسنگ ڪولهي ۽ سندر ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا اطلاع بعد حد جي نظرپور پوسٽ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي ماتلي سرڪاري اسپتال پهچايو جتان زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ٻن زخمين بچل خاصخيلي ۽ مانسنگ ڪولهي کي حيدرآباد سيول اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.