4 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحرير؛فقير محمد سنڌي

¨ 4جنوري 1762ع تي انگلستان، هسپانيا ۽ نيپال سان جنگ جو اعلان ڪيو.

¨ 4جنوري 1809ع تي اکين کان معذور فردن لاءِ لکت ۽ مطالعي جو موجود لوئس بريل پئرس ۾ جنم ورتو.

¨  4 جنوري 1895ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندڙ حاجي محمود خادم والد جو نالو محمد بچل ذات جو قريشي تونيه عرب جي ولادت تعلقي ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بٺي ۾ جنم ٿيس.

¨ 4 جنوري 1913ع تي خيرپور رياست جو والي مير فيض احمد (ثاني) ولد مير علي نواز خان ناز ٽالپر ڪوٽ ڏيجي ۾ جنم ورتو.

¨ 4جنوري 1931ع مولانا محمد علي جوهر، لنڊن گول ميز ڪانفرنس جي دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو.

¨ 4جنوري 1932ع تي برطانوي ايسٽ انڊيا جي وائسراءِ ويلنگٽن، گانڌي ۽ نهرو کي گرفتار ڪرايو.

¨ 4 جنوري 1947ع تي مشهور صحافي انور سيال ڳوٺ حاجي ابراهيم شاهه (ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن) ۾ محمد بخش سيال جي گهر جنم ورتو.

¨ 4جنوري 1948ع تي برما( ميانمار) برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي.

¨ 4جنوري 1950ع تي پاڪستان، چين کي تسليم ڪيو.

¨ 4جنوري 1967ع تي فنونِ لطيفه، موسيقي ۽ انساني حقن پرچارڪ ڪندڙ بيگم عطيه فيضي جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 4 جنوري 1973ع تي نامياري ليکڪ ۽ شاعر دليپ ڪوٺاري، مٺيءَ ۾ پهلاج مل ڪوٺاري لوهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو.

¨ 4 جنوري 1977ع تي نوجوان ائنٿراپالجسٽ ۽ محقق ذوالفقار علي ولد مير محمد ڪلهوڙو، وارهه تعلقي جي ڳوٺ آباد ڪلهوڙا ۾ ڄائو.

¨ 4 جنوري 1999ع تي سنڌ جو تمام سٺو عالم حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي المعروف مولانا ٻير وارو وفات ڪري ويو آخري آرام گاهه ٻير شريف قنبر ۾ اٿس.

¨ 4جنوري 2006ع سعودي عرب جي بادشاهه عبدالله السعود، ڀارت جي شهر دهليءَ جي جامع مسجد جي مرمت لاءِ امداد جي پيشڪش ڪئي.

¨ 4جنوري 2011ع تي پنجاب گورنر، سلمان تاثير پنهنجي محافظ هٿان قتل ٿيو.

¨ 4 جنوري 2017: ڪلاسيڪل راڳي استاد فتح علي خان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.