چئُه! جو توکي چوڻو آ……

تحرير؛محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر

تبديلي وارو خواب به اڻپورو رھجي ويو!

حڪمرانن اسان جي ملڪ کي جھڙوڪر ٽشو پيپر سمجھيو آھي ھر ايندڙ نئون حاڪم پنجن سالن ۾ پنھنجي ٽيم سان گڏجي ملڪ جي ڀينگ ڪري ملڪ ۽ عوام کي سماجي معاشي اقتصادي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ملڪ کي  اربين ڊالرن جو قرضي بڻائي ھليو ويندو آھي ملڪ جي قيام کان وٺي اڄ تائين ملڪ ۽ عوام سان اھا ڪار جاري آھي موجوده عمران سرڪار حزب اختلاف دوران جلسن جلوسن دوران وڏي واقعي رڙيون ڪري جذباتي تقريرون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي پنھنجي آقائن کي چوندو ھو ته ملڪ کي ھلائيندڙ ماضي جا سڀ حاڪم ناڪام ٿي چڪا آھن ھينئر کيس وارو ڏنو وڃي ته ملڪ ۾ اصل ماکي مکڻ کير جون ننديون وھائي ڇڏيندو .

خان صاحب عوام کي ملڪ کي مديني واري رياست بڻائڻ توڙي ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جون دعوائون پڻ ڪندو ھو تنھن ڪري عوام مٿس تبديلي سرڪار جو نالو رکيو اھا رڪارڊ جھڙي ڳالھه آھي ته ملڪي 75 سالا تاريخ ۾ جيتري مھانگائي تبديلي سرڪار پنھنجي دور حڪومت ۾ ڪئي آھي اھڙي مھانگائي ورلي ڪنھن حڪومت ڪئي ھجي آمرن ڊڪٽيٽرن ملڪ تي ياراھن يارنھن سال مارشلا وسيلي ملڪ ھلايو تاريخ گواھ آھي ته ڊڪيٽرن به پنھنجي دور حڪومت ۾ ايتري مھانگائي نه ڪئي جيتري مھانگائي نام نھاد جمھوري حڪومتن ڪئي آھي خاص ڪري تبديلي سرڪار ملڪ جو ٻيڙو صفا ٻوڙي ڇڏيو آھي عمران خان اقتدار کان ٻاھر ھجڻ دوران چوندو ھو ته ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت وڌي وڃي تيل گئس بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي سمجھي وڃو ته وزير اعظم چور آھي نه فقط ايترو پر تحريڪ لبيڪ وارن جيان حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪري مھينن جا مھينا اسلام آباد کي لاڪ ڪري ڌرڻا ھڻي ملڪي وھنوار کي مفلوج بڻائي ملڪ کي روزانه کربين روپيه نقصان پھچائي عوام کي جذباتي بڻائي بجلي گئس جا بل ڦاڙي پاڻ کي وڏو منصف ۽ انقلابي ليڊر سڏائيندو ھو ليڪن عمران جي حڪومت ۾ ھر پندرنھن ڏينھن ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو رھي ٿوھر نئين بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ گئس بجلي جي قيمتن سميت عام واھپي جي شين تي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس لڳائي عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي في ڊالر جي قيمت عمران سرڪار کان چار سال اڳ يعني نواز سرڪار جي حڪومت ۾ 75 روپيه ھو جيڪو  عمران جي موجوده تبديلي واري حڪومت ۾ 175 روپين تائين پھتو آھي ھاڻي عمران خان ٻڌائي ته ھو چور آھي يا صادق امين؟

ھن وقت مھانگائي عوام جون دانھون ڪڍي ڇڏيون آھن رومزه جون استعمال ٿيندڙ شيون توڙي زندگي جي وھنوار کي ھلائڻ لاءِ صحت کي سلامت رکڻ واريون دوائون پورھيت ۽ مزدور طبقي جي خريدڻ کان چڙھي ويون آھن ملڪ ۾ ڏڪار ۽ فاقاڪشي وارو خوف پکڙجي ويو آھي افسوس جھڙي ڳالھ ته اھا آھي پنھنجي ملڪ مان ويندڙ شين تي به ناقابل برداشت ٽيڪس مڙھيا ويا آھن فقط انسان جي ساه کڻڻ تي ٽيڪس نه آھي باقي ھر شئي مٿان ٽيڪس لاڳو ٿيل آھي ھر سال نوان ٽيڪس لڳائڻ سان گڏ لاڳو ٿيل پراڻن ٽيڪسن ۾ به اضافو ڪيو ويندو آھي عوام اڳين حڪمرانن کان ان ڪري بيزار ھو ته ھو عوامي امنگن تي پورا نه لٿا توڙي جو ڪيترائي ڀيرا عوام کين آزمائي چڪو ھو عوام سمجھيو پئي ته تبديلي ۽ رياست مدينه وارو سبز باغ ڏيکاريندڙ عمران خان ماضي جي حڪمرانن جي متبادل عوامي امنگن تي پورو لھندو تنھن ڪري عوام ۽ خلائي مخلوق جي گڏيل مدد سان عمران سرڪار کي اقتدار ۾ آندو ويو خلائي مخلوق جي امنگن تي عمران سرڪار ضرور پورو لٿو ھوندو .

غريب عوام عمران سرڪار ترا ئي ڪڍي ڇڏيا ائين کڻي چئجي ته رياست مدينه ۽ تبديلي وارو خواب اڻپورو رھجي ويو ته ڪو وڌاء نه ٿيندو تازو پي ٽي آءِ جو ڳڙھ سمجھيو ويندڙ  ڪي پي ڪي جي بلدياتي اليڪشن ۾ وسيلا اختياريون حڪومتي مشينري ھجڻ باوجود به عمران سرڪار جي پي ٽي آءِکي بري شڪست ملڻ جو سبب به ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ بيروزگاري آھي  سال 2021ع جي پڄاڻي تي به عمران سرڪار عوام کي معاف نه ڪري سال جي پڄاڻي واري رات به چار روپيه ڊيزل پئٽرول سميت مختلف عام واھپي جي شين جي قيمتن ۾ پن اضافو ڪري عوام کي پريشان ۽ پاڻ کي خوار ڪري ڇڏيو،

عمران حڪومت ملڪي تاريخ ۾ بدترين حڪومت ثابت ٿي جڏھن ته عمران خان اھا دعويٰ پڻ ڪندو رھيو ته ھو فقط ارڙھين مھينن ۾ ملڪ  جو قرض لاھڻ سان گڏ ھڪ ڪروڙ نوڪريون پنجاهه لک گھر، عمر رسيده ماڻھن کي فري ۾ عمري ڪرڻ جي سھولت مھيا ڪندو جڏھن ته عمران خان جون ٻيون دعوائون ته پنھنجي جاءِ تي پر سندس آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺڻ واري لٻاڙ نه صرف ڪوڙي نڪتي پر ھن آءِ ايم ايف کان وياج سان گڏ پئٽرول ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي سميت توڙي عام واھپي جي شين تي ٽيڪس لڳائڻ وارن شرطن تي قرضو ورتو ھينئر سندس حڪومت پڄاڻي جي مرحلي ۾ داخل آھي ليڪن عوام سان ڪيل ھن ھڪ واعدو به نه پاڙيو عوام ته عمران سرڪار کان مڪمل طور بيزار ٿي ويو آھي ڏسون ٿا ته کيس آڻيندڙ قوتون سندس حڪومت پڄاڻان کانئس ھٿ ڪڍن ٿيون يا نه……!!؟

اسماعيل بھلڪاڻي

سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه ڏانهن هڪ کليل خط

سائين منهنجا اوهان هڪ سال اڳ مرحوم جلال چانڊيو جي 20 ورسي حيدرآباد ۾ ملهائڻ واري تقريب ۾ چيو هيو ته جيڪڏهن 20 سال جلال چانڊيو جهڙي نج عوامي فنڪار جي ورسي نه ملهائي آھي ته اها ثقافت کاتي جي نالائقي آھي ۽ ثقافت کاتي کي جلال چانڊيو جهڙي هڪ عوامي فنڪار جنهن جي ڳائڻ سان سنڌ ۾ پنجاب جي فنڪارن جي هڪ هٽي ٽٽي ۽ هن فنڪار هڪ عوامي انداز ۾  سنڌي ٽوپي پائي يڪتارو ۽ چپڙي کڻي هڪ مخصوص ۽ منفرد انداز سان راڳ ڳايو جيڪو راڳ عوام کي ايترو ته پسند آيو جو جلال چانڊيو ۽ سندس راڳ جي انداز جا عاشق بڻجي ويا ۽ سائين اوهان ان تقريب ۾ اعلان ڪيو هيو ته جلال چانڊيو جي 21 ورسي تي سندس جي بابت هڪ ڪتاب ڇپرائڻ سان گڏوگڏ  سندس 21 ورسي شھر ڦل ۾ ثقافت کاتي سنڌ طرفان 10 جنوري 2022 تي ملهائي ويندي ان جي لاءِ مان اوهان کي پنهنجي ڪيل واعدي جي يادگيري لاءِ هي هڪ يادگيري کليل خط لکي ڏئي رهيو آھيان .

اوهان مان اميد ٿو ڪريان ته هن سال 10 جنوري 2022 تي سنڌ جي هن يڪتاري ۽ چپڙي جي بيتاج بادشاهه ببر شير سنڌ جي سڃاڻپ لوڪ فنڪار جلال چانڊيو جي 21 ورسي شھر ڦل ۾ سندس جي مقبري اڳيان ملهائي اوهان پنهنجي ڪيل واعدي کي پاڻي ڏيندا پر جيڪڏهن هن سال به ثقافت کاتي سنڌ جلال چانڊيو جي ورسي نه ملهائي ته بقول اوهان جي سنڌ ثقافت کاتو انتهائي نااهل ۽ نالائق کاتو سمجهيو ويندو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.