ڪتاب "فطرت جو رکوال” تي ويچار

تحرير؛ذلفي چاچڙ

نومبر واري مھيني جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ ملير ڪراچي جي ڪنھن ڳوٺ ۾ ناظم جوکيو نالي ھڪ نوجوان کي حڪمران پارٽي جي بدمست وڏيرن نھايت ئي بيدردي سان مٿس وحشياڻو تشدد ڪري محض ان لاءِ ماري ڇڏيو ھو، جو ھن سندن مھمان عرب شڪارين جي رستا روڪ ڪئي، جيڪي سندس ڳوٺ ويجھو فائرنگ ڪري مھمان  معصوم ۽ پرديسي پکين جو قتلام ڪري رهيا هئا، بندوقن جي ٺڪائن تي نه صرف تر جا سمورا پکي ڳوٺ ڇڏي اڏاميو ٿي ويا، پر سئا مال به هراس ۾ نه ٿي مِڙيو، بيمار ۽ ضعيف العمر ڳوٺاڻن جي اذيت ۾ اضافو پئي ٿيو ۽ عربن جي انڌي گولي جو ڪو به راھگير ۽ ڌنار وغيره جي امڪاني زخمي يا مرڻ جي خدشي پوري علائقي واسين کي خوفزده ڪري ڇڏيو ھو۔ ناظم جي قتل واري ڏکائيندڙ واقعي سڄي سنڌ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ھر فطرت پسند شخص ڏکارو ٿي نظر آيو،  ان دل خراش واقعي خلاف سموري سنڌ مان سخت ردعمل آيو.

وڏيرڪي نظام ۽ عرب شڪارين خلاف جھڙوڪ بغاوت جو بنياد پئجي ويو، سنڌ جو عام ماڻھو! جيڪو صدين کان وڏيرن جو غلام ۽ ٻانھو رھندو پئي آيو، تنھن کي ناظم جو خون بيخوف ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ اھو ھاڻ وڏيرن (موت) سان شھيد ناظم جيان اکيون اکين سان ملائي ڳالھائڻ لڳو آھي ۽ ان واقعي کان پوءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ عرب شڪارين جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي ۽ سندن خيما اکوڙي اتان کين ڀڄائڻ جون رپورٽون اخبارن ۾ شايع پيون ٿين۔ جتي سنڌي وڪيلن ارشاد رانجھاڻي ۽ٻين بحريا ٽائون واري واقعي ۽ موقعي تي پاڻ ملھائي خود کي سنڌ جو حلالي ۽ غيرتمند پٽ ثابت ڪيو، اتي سنڌ جا شاعر اديب ڪالم نويس ۽ صحافي پڻ ڪنھن به طرح پوئتي نه رھيا آھن ۽ جن ناظم جي ناحق خون، ڀوتارڪي نظام ۽ عرب بدوئن خلاف ڪالم ۽ شاعري لکي پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ۽ وڏيرن جي ونگاري ڪردار ۽ ڪرتوتن کي وائکو ڪري دنيا اڳيان آندو، ۽ قوم جي ماڻھن ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ان سموري مواد کي گڏ ڪري، وفا ناٿن شاھي ۽ حنيف عاطر جو تسلسل اسان جي شعوري سٿ جو ساٿي سنڌي صحافي ۽ شاعر دوست رزاق عاصي جنھن ھر موقعي ۽ مھل تي سنڌ جو سڏ ورنائيندي پاڻ ملھايو ۽ خود کي سنڌ جو سچو پٽ ثابت ڪري ڏياريو۔

"فطرت جو رکوال” جي نالي سان ڪتاب ڇپرائي شھيد ناظم جوکئي بابت لکيو ويندڙ مواد کي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو، جيڪو سچ ته ھڪ غير معمولي ڪم آھي، ۽ ان ڏکئي ڪم کي سرانجام ڏيندڙ يار ويس ۽ فقير طبيعت جي مالڪ رزاق عاصي کي سچ ته شاباس ڏيڻ کان سواءِ آئون رھي نٿو سگھان ۽ مونکي ويساهه آھي ته سندس ان عمل ڪارڻ تاريخ به تعريف ڪندي ۽ کيس شاباس ڏيندي۔ .

ھڪ سئو چوئيتاليهھ صفحن تي ٻڌل پڪي جلد سان ھيءُ ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن عمرڪوٽ پاران ڇاپيو ويو آھي،جنھن ۾ اٽڪل ستٽيھه مختلف ليکڪن جا ڪالم ۽ شاعرن جي شاعري شامل ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ رزاق عاصي، امتياز چانڊيو، دودو چانڊيو، انعام ڀٽي، جڳديش آھوجا، عرفانه ملاح، ولي ناريجو، مرتضيٰ سيال، عبدالخالق جوڻيجو، اعجاز منگي، مير ذوالفقار چانڊيو، جئه پرڪاش ساگر، جبار ڪابرو، دولت رام کتري، منصور نثار، آزاد انور ،مھر ادريس لغاري، برڪت نوناري، ڪبير ڀيل، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، امداد سولنگي، گلشن چانڊيو، عامر انصاري، سارنگ پيرزادو، اسماعيل بھلڪاڻي، آزاد گھلو، امر رائيسنگھه راجپوت، غفار ڪاڇيلو، عامر خان مھيسر ،محمد خان ابڙو، ذلفي چاچڙ، زرار پيرزادو ،ايوب کوسو، بخشل باغي، غوث پيرزادو ۽ اسد مڱڻھار شامل آھن۔ ھيءَ ڪتاب جھدوجھد ۽ اتساھ جو اھڃاڻ بڻيل امان جندو ۽ سنڌ جو ڪيس وڙھندڙ وڪيلن جي نانءُ ڪيو ويو آھي، جنھن جي بيڪ ٽائيٽل تي محترم جامي چانڊئي جو رايو شامل ڪيو ويو آھي۔ ڪتاب فطرت جو رکوال سنڌ جي علم، ادب ۽ وطن دوست ماڻھن کي ضرور پڙھڻ گھرجي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.