علم جو خواب ۽ شعوري جستجو

تحرير؛نجم الدين سومرو

     جتي خيال ڪڪڙ وڙهائڻ جي سازش ۾ هجن، جتي علم کي نظر بند ڪري، قلم کي دفن ڪرڻ جون ڪوششون هجن، جتي درسگاهون ڏکاريون ۽ سوڳوار هجن، ان ڀونءِ ۾ ڀايان لائبريري جو خواب انڌي کي ڏيئي ڏيکارڻ جي مثل هوندو آهي. واره شهر علمي، ادبي ۽ سياسي طور تي خود وڏي تاريخ رهندو آيو آهي، اتي ڪجهه نوجوانن ۾ علمي ۽ قلمي جدوجهد جا داڻا ڪنهن نرتڪا جيان رقص ڪري رهيا هئا، شعور اڃان هارايو نه هيو، ڪوششون به اڀرڻ جي ڪوشش م هيون وارهه ۾ جستجو جي لهر  جو محور ۽ مرڪز هڪ ڪتاب خاني يعني لائبريري جو قيام هيو جنهن جي سڃاڻپ تاريخ جي پڙاڏن ۾ قاضي غفار پبلڪ لائبريري طور ٿئي ٿي.

اهي سرد ڊسمبر جا ڏينهن هئا پر وارهه شهر جو ادبي حلقو گرم جوشي ۾ هئو، سنڌي ادبي سنگت جي نوجوانن ۾ هڪ لائبريري جو خواب  هڪ اڪير جيان سرجي رهيو هيو، انهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لائبريري اڏڻ جو اعلان  به ڪري ڇڏيو هيو، آءُ به ادبي سنگت جو ميمبر هيس، ڪميشن جي امتحان مٿان هجڻ سبب به سنگت سان گڏ ڪوشش وٺي رهيا هئاسين، شهر جا ڪجهه ماڻهو ان عمل کي عجيب نظرن سان ڏسي رهيا هيا، ۽ ان کي سانجهيءَ جو خواب سمجهي کلي رهيا هيا،

ڪٿان ته اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هيو ته لائبريري ٺهي ناهي، هليا آهن هي ڪتاب گڏ ڪرڻ، تڏهن مونکي شيخ اياز جون هي نثري سٽون ياد پئي آيونڪالهھ منهنجو انڌو پاڙيسري سج کي بجو ڏيئي چوڻ لڳو جيڪڏهن مان ڏسي نه ٿو سگهان ته پوءِ تون چمڪين ڇو ٿو!

پر سنڌي ادبي سنگت وارهه جي ساٿين اهو طئه ڪري ڇڏيو هيو ته ڀلي بک تي به هونداسين پر لائبريري ٺاهينداسين. اڄ به چٽي طرح ذهن ۾ عڪس بند آهي اها ڪئمپ جيڪا سنڌي ادبي سنگت پاران شهر جي وچ ۾ لڳائي وئي هئي، جنهن ۾ چندي جي پيتي به رکيل هئي، آءُ امتحان جي تياري لاءِ شهر کان ٻاهر وڃي رهيو هيس هٿ ۾ ٽرالي بيگ هجڻ باوجود به آخري دفعو ان ڪئمپ تي ويهڻ لاءِ بيچين هيم ڇو ته اندر ۾ احساس هيو ته هيءَ ئي اها شعوري چڻنگ آهي جيڪا علم جا ممڻ ٻاريندي جهالت جا ٻيلا ساڙيندي. ڪئمپ سان گڏوگڏ جهولي فنڊ پڻ جاري هيو، جنهن ۾ لائوڊ اسپيڪر تي لائبريري بابت اعلان ٿي رهيا هئا، لڳايل ڪئمپ جا ٻه حيران ڪن قصا ضرور ليکبا، پهريون  ته هڪ گيڙو ويس پهريل صوفي فقير جيڪو سڄي شهر مان پني جڏهن ڪئمپ تي پهتو ته پڇائين 

هيءَ ڇا جي ڪئمپ آهي؟ اوهين ڇو ويٺا آهيو؟

دوستن مان ڪنهن جواب ڏنس هي لائبريري لاءِ ڪئمپ هنئي وئي آهي ڇو ته اسان وٽ سرڪاري لائبريري نه آهي، فقير چيو ته ”لائبريري ڇاهي؟ رت ٻت ڏيڻ واري ڇا؟ هڪ دوست فقير کي وراڻيو ته نه اها ليبارٽري هوندي آهي هي لائبريري يعني ڪتاب گهر جتي شاگرد پڙهندا آهن، جتي هر قسم جا ڪتاب هوندا آهن جيئن شاگرد مختلف نوڪرين جي تياري ڪري سگهن.

فقير اهو ٻڌندي پنهجي ڪشتي مان پئسن جي مٺ ڀري چندي واري پيتي ۾ وڌي ۽ مسڪرائي چيائين پهريون ڀيرو شهر ۾ اهڙو ڪم پيو ڏسان نه ته مونکي لڳو ڪو بک هڙتال تي ويٺا آهن.

ٻيو قصو هڪڙي ننڍڙي ٻار جو جيڪو پنهنجو خرچي ۽ ڀانڊاري جي جمع پونجي کڻي اچي ڪئمپ تي پهتو ته اوهان لائبريري ضرور ٺاهيو آءُ اوهان سان گڏ آهيان.

اول صرف شهري مدد ڪري رهيا هئا پر جڏهن فقير ۽ ان ٻارڙي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته ملڪ جي مختلف شهرن کان وٺي ويندي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن پڻ پاڻ ملهايو، ڪن پئسن جي صورت ۾ ڪن ڪتابن جو نذرانو ڏنو، مزدورن، هارين، شاگردن، دڪاندارن، ٻاهرين پرڏيهه ۾ رهندڙ وطن واسين دل کولي رقم ۽ ڪتابن جي شڪل ۾ نذرانو پيش ڪيو. چوندا آهن ڦڙي ڦڙي تلا آهي بس پوءِ نوجوانن جي خواب جي ارتقا ٿي ۽ ايئن اڄ کان پنج سال اڳ  ڊسمبر جي آخري ڏهاڙن ۾  هڪ علم گهر وجود ۾ آيو جنهن جي پهرين سالگره نئين سال جي جشن سان ملهائي وئي جنهن کي اڄڪلهه قاضي غفار پبلڪ پرائيوٽ لائبريري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

قاضي غفار لائبريري تي لکجي ۽ ڪامريڊ منان کي وسارجي اهو ممڪن ئي ناهي، هو اهو شخص هيو جنهن چار سال علمي اداري جي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ سان گڏ ڪتابن ۽ اخبارن جي سنڀال ڪئي. ڪامريڊ جو لائبريري سان اهڙو ته عشق ٿي ويو جو صبح سوير ئي ڪار اسٽاپ تي پهچي لائبريري جون اخبارون کڻي اچي لائبريري کولي ويهندو هيو، هن بنا لالچ لوڀ جي هڪ علمي اداري جي ايمانداري سان سنڀال ڪئي، هو اسان سڄي سنگت جو ڏڍ، آسرو ۽ اميد هيو، افسوس جو وقت اسان کان اهڙو شخص کسي ورتو جنهن کان سواءِ اسان بلڪل اداس ۽ اٻاڻڪا آهيون.

وارهه شهر سياسي سماجي ۽ علمي حلقي ۾ الڳ پهچان رکي ٿو پر هن لائبريري پڻ ان ۾ چار چنڊ لڳايا آهن. هينئر ڪيترائي شاگرد هن لائبريري مان فيضياب ٿي رهيا آهن، ڪافي شاگرد اڄ به هن لائبريري جي ڪتابن مان علم جا موتي ميڙي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو روان دوان آهي. هر سال جيان هن سال به لائبريري جي سالگره ملهائي وڏي مان ۽ شان سان ملهائي وئي  جتي شاگرد، استاد، سياستدان، شهري ۽ هر مڪتب فڪر جا ماڻهون گڏ ٿي علم جو ڏينهن ملهائيندا آهن جيڪو شعور واسين لاءِ ڪنهن عيد کان گهٽ نه هوندو آهي.

ان سالياني پروگرام ۾ شاگرد علم، فهم، عقل ۽ دليلن تي  شعر تقريرون ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪندا آهن. جڏهن ته لائبريري ڪاميٽي طرفان انعام ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويندا آهن. نوجوانن جي ان علمي ۽ قلمي محبت کي ڏسندي شهرين پاران سرڪاري لائبريري جي قيام جون ڪوششون پڻ ورتيون ويون آهن جيڪا ويجهي مستقبل ۾ ممڪن نظر اچي رهي آهي.

قاضي غفار لائبريري وارهه جي تاريخ ۾ منفرد مقام رکي ٿي جيڪا اڄ به چند شعوري ماڻهن جي  پرائيويٽ فنڊ تي هلي رهي آهي ۽ شعور جي هوائن کي وڏي اڏار بخشي رهي آهي، سرڪاري فنڊ نه هجڻ ڪري لائبريري ڪيترن ئي مونجهارن جو شڪار رهي ٿي لازمن معاشي اثاثن کان بنا ڪو گهر نه ٿو هلي سگهي پر وري به چند انهن علم ذوق املهه ماڻهن کي سلام هجي جيڪي لائبريري سان نڀاءُ ڪندا پيا اچن. هن خواب جي ساڀيان ته ٿي وئي آهي پر واره  جا نوجوان اڃان به ٿڪيا نه آهن هاڻي وري سرڪاري لائبريري جي جدوجهد ۾ لڳل آهن جنهن جو اعلان  تڪ جا چونڊيل ايم پي اي  به ڪري چڪا آهن ۽ جڳه جو انتخاب به ٿي چڪو آهي اميد ڪجي ٿي ته نئين سال سان گڏ سرڪاري لائبريري جو خواب به ساڀيان ٿيندو ۽ واره شهر جي هر ٻار جي زبان تي علم فهم عقل دليل جا نعرا منهنجي هنن سٽن جيان گونجندا :

اچ ته آواز تي ڳالهايون

دنيا جي راز تي ڳالهيون

 

ڪائنات ڇا هي ڪيتري آهي؟

مايي ماپي انداز تي ڳالهايون

 

ڪشش جي زور تي رقص ڪن

گرهن جي ساز تي ڳالهايون

 

ڇڏ هوٽل کڻ ڪتاب پنهنجا

اچ ته نئين محاذ تي  ڳالهايون

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.