علم ۽ عمل

تحرير:طفيل مگسي

اسان انسانن جي تهذيب ۽ مندن جي تاريخ اصل ۾َ اسان جي علم جي تاريخ آھي.۽ ھن تاريخ جو دائرو وقت سان گڏوگڏ پکڙبو وڃي ٿو يا ائين چئجي ته علم پنهنجي ڪانٽينٽ ۽ فارم ۾ مسلسل ڪشادگي ۽ روشني وکيريندو پيو وڃي.

حقيقي علم.ڪتابن يا عمل ڀرين فردن جي مجلسن کان ٿيندو انسانن جي شعور جو حصو بڻجي ٿو…پوءِ اتان کان ئي اهو نظريي ۾ پوئجي ٿو  ۽ نظرين کان عمل ۾ سمائجي وڃي ٿو…عمل ۾ پوئجي يا سمائجي وڃڻ کان اڳ ئي اهو وڌيڪ طاقتور.شفاف ۽ منظم ٿي ڪري ڪتاب يا مجلسن جي شڪل ۾ واپس انسان جي ذھن تي اثر ڪري ٿو ته جيئن اهو انساني عمل جي راهن کي ٻيهر اڳ کان وڌيڪ منظم ۽ مڪمل طور تي متعين ڪري پنهنجي تاريخ جي ايندڙ  عمل کي سدائين جيان ممڪن بڻائي سگهي،..علم جي گذريل سموري تاريخ شاهد آھي ته علم صرف انهن انسانن جي ذھنن جي مدد سان اڳتي وڌيو ۽ پکڙيو جن ذھنن ۾ اها قوت يا پائيداري موجود هئي جنهن ۾ نظريي کان ٿيندو عمل ۾ سمائجي ڪري واپس پنهنجو پاڻ تائين پهچڻ جي لائق ٿيو.

علم.ان گول دائري ۾ گهمي ڪري واپس پنهنجي اڳ واري دائري کان به وڌيڪ اعليٰ ۽ مٿاهين مقام تي پهچڻ ۾ صرف انهن ئي مضبوط احساسن جي مالڪ.ڳوڙھي ۽ آزاد ارادي جي خمار ۾ هر پل ٻڏل رهڻ وارن ديوتا جهڙن انسانن ۽ بي انتها قرباني جي مالڪ شخصن جي همت سان مڪمل ٿيندو آيو آھي.

ڪتاب پڙھڻ آسان ڪم آھي…علم.ڀرين فردن جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيڻ ان کان به وڌيڪ آسان ڪم آھي…علم.جو ذھن ۾ ڪنهن اعليٰ ترين ۽ حقيقي نظريي ۾ ڳنڍجي وڃڻ به هڪ عام ئي ڳالهھ آھي….البتا حاصل ۽ جذب ٿيل علم يا نظريي کي پنهنجي عمل ۾ سمائي ڇڏڻ يا علم کي علم جي ئي اڳ واري شڪل جي سامهون آڻي ڪري ان کي پنهنجي تاريخ جي اڳين ڏاڪي تي ڇڏي اچڻ مشڪل ترين.نهايت ڳرو ۽ ٿڪائي وجهڻ واري حد تائين نهايت ئي ڏکيو ڪم يا ذميواري هوندي آھي.جنهن جا اهل ڪروڙن منجهان فقط چند ئي مرد هوندا آھن.

پنهنجي حاصل ٿيل علم کي پنهنجي روزمره جي زندگي يا عمل جو حصو بنائڻ جي طاقت ۽ قوت اهڙي ناهي ته اها پيدائشي پيش ڪيل هوندي آھي بلڪ ان جو سبب علم جو ڦڙو ڦڙو يا برسات جي شڪل ۾ ذھن ۽ شعور جي سگهه ۽ اڃاري زمين ۾ ٺيڪ وقت تي جذب ٿي وڃي ٿو..،علم.جي جذب ٿي وڃڻ کانپوءِ ذھن.بدن  ۽ ڪيفيت جي لاءِ ان کي عمل ۾ وجهڻ يا ان کي عملي مظھرن واري سطح تي وٺي وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نٿي اچي.

سقراط کي وات بند رکڻ جي بجاءِ زهر جو پيالو پيئڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه آئي..،.ارسطو ڪنهن بادشاھ جي خوشامد ڪرڻ ۽ ڪوڙي تعريف ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملڻ واري قربت ۽ جسماني آسودگي جي مقابلي ۾ شھر ڇڏي ڪري اڪيلي مري پڃڻ  ۽ ظاھر ۾ تباهه ٿي وڃڻ جي چونڊ کي ڪنهن نه ٽوڪيو…رازي جي عزت ۽ شھرت جي حاصلات جي بجاءِ انڌي رهڻ ڪڏھن نه ٿڪايو…ابن رشد جي لاش کي هزارين ۽ لکين ماڻھن جي ڪلهن تي کڻڻ جي بجاءِ گڏھ تي لڏي ڪري پنهنجي آخري آرام گاهه تائين پهچائڻ ۾ ڪا پريشاني پيش  نه ٿي،…برونو کي پادرين جهڙي طاقت حاصل ڪري وٺڻ جي بجاءِ ٻرندڙ شعلن جي حوالي ٿي وڃڻ جي جرئت هڪ پل به موٽي مڙڻڻ جو موقعو نه ڏنو.اسپ نوزا وڏي آساني سان گڏ ڪميونٽي ۾ عزت ۽ آسائش سان ڀريل زندگي ئي معاشرو بدري ۽ وقت جي گذاري جي خاطر شيشي جي صفائي جهڙي معمولي ڪم کي فوقيت ڏئي ۽ اهو سڀ ڪجهه وڏي همت ۽ حوصلي سان گڏ برداشت ڪيو، جنهن جو ان زماني ۾ تصور به عام، انسان جي لاءِ موت کان وڌيڪ ڀيانڪ ٿيندو\ هوندو هو،.۽ انساني تاريخ ۾ انسانيت جو سڀ کان وڏو ۽ ناقابل شڪست ڪيس پيش ڪرڻ وارو عظيم.ڪارل مارڪس کي بک، افلاس، ڀيناڪ مصيبتن.ڳوڙھي ڏک .بي پناهه درد ۽ زال ۽ ٻارڙن جي خوراڪ جي کوٽ جي سبب کان موت جهڙي ناقابل برداشت ۽ ڳوڙھي زخم گڏجي ڪري به هن کي انسانيت جي ڪورٽ ۾ پنهنجو ڀرپور ۽ شاندار ڪيس دائر ڪرڻ کان نه روڪي سگهيا.

انسان جو عمل ان جي حاصل ٿيل علم جي ٺيڪ سان جذب ٿي وڃڻ جو اڪيلو ئي سبب    آھي..عمل انسان جي هئڻ جي نشاني آھي…جديد فلسفي جي باني “ڊيڪارٽ“ جنهن چيو هو ته“مان سوچان ٿو ان ڪري مان آھيان“ ته ان جي ڪافي عرصي کانپوءِ “فختي“ جواب ڏنو هو ته“مان عمل ڪريان ٿو ان لاءِ مان آھيان“ انهن ٻنهي فردن ۾ علم جو آواز يا پڪار هئي.جنهن جو پڙاڏو شعور ۽ ذھن جي مختلف حصن کان ٿي ڪري ٻاھر اچي رهيو آھي.

علم.عمل جو ۽ عمل.علم جو اڌ دائرو آھي.ان ڪري هر حقيقي علم جي مڪمل عمل کان ۽ عمل جي مڪمل علم يا نظريي کان هينئر تائين ٿيندي آئي آھي.۽ اهو سلسلو لامحدود زماني تائين ائين ئي هلندو رهندو.

جن جو علم انهن جي عمل سان هڪجھڙائي نه ڏيکاري اهي زندگي جي محبت ۾ وک وڌائڻ جا اهل.ناهن هوندا .ڇوته حقيقي محبت حقيقي علم جي سگهاري هئڻ سان گڏ هڪجهڙائي جو عملي نتيجو هوندو آھي.

خليل جبران چئي ٿو ته زندگي جيڪڏھن خواهش کان خالي هجي ته اها مصيبت آھي.خواهش يا جذبو علم کانسواءِ انڌو آھي.علم عمل کان بنا بيڪار آھي ۽ عمل محبت بنا وحشت ۽ درندگي آھي ؛؛؛

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.