ڀٽو جيئندو رھندو…

تحرير:ڄام صنم سنڌي

حقيقي ليکڪ اھو ھوندو آھي جنھن جي تحرير جو تعلق سچ سان ھجي سندس لکڻي ريا ڪاري ۽ ذاتي پسند يا نا پسند کان مٿاھين ھجي. سڀاڻي 5 جنوري آھي توڙي جو موجوده پيپلز پارٽي عوامي امنگن جي ابتڙ سفر ڪري رھي آھي پر جنھن پيپلز پارٽي جو بنياد قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽي وڌو ھو اھا عوام جي اميدن جو عڪس ھئي ۽ ان جي طاقت جو سرچشمو به عوام ئي ھئو.

نوازشريف جي حڪومت جو دور ھو ملڪ جي ھڪ وڏي بزنس مين جي پٽ کي خبر پئي ته مائڪروسافٽ جو مالڪ بل گيٽس 35 ملين ڊالر جي لاڳت سان ڪنھن ايشيائي ملڪ ۾ مائڪرو سافٽ يونيورسٽي ايڊوانس ٽيڪنالاجي ليب ٺاھڻ ٿو چاھي جنھن لاءِ ڀارتي لابي تمام متحرڪ آھي پر ان نوجوان ڀرپور ڪوششون ڪري مائڪروسافٽ جي ايشيائي ٽيم جي ليڊر سان ملاقات ڪري کين اھو پاڪستان ۾ ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو ۽ حڪومت جي تحفظ ۽ تعاون وارو خط کڻي اچڻ جي شرط تحت مھيني جي مھلت تي پاڪستان آيو پر حڪومت جي موٽ بجاءِ پاڻ به ڌڪن ٿاٻن جي نذر ٿي ويو، تان جو ڀارت نه صرف ان موقعي جو ڀرپور فائدو ورتو پر بل گيٽس کان ان پروگرام جو افتتاح به ڪرايو جنھن کين سئو ملين ڊالر سالياني سافٽ ويئر جي تعليم لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر سڄي ڀارت جي قسمت کلي پئي رڳو بينگلور شھر جي سالانه آءِ ٽي ايڪسپورٽ 80 ھزار ڪروڙ ٿيڻ لڳي جنھن جي نتيجي ۾ اڄ تائين ڀارتي مائڪرو سافٽ ۽ ٻين وڏين آءِ ٽي ڪمپنين ۾ سي اِي او ۽ ٻين وڏن وڏن عھدن تي ڪم ڪري رھيا آھن ھن سڄي قصي جو تفصيلي ذڪر رضوان ظفر گورماني جي هڪ ڪالم ۾ پڻ ٿيل آھي اھو به ھڪ اڳوڻي وزيراعظم جو دور ھو ۽ عمران خان به ھڪ موجوده وزيراعظم آھي جنھن تبديلي جا نعرا ھنيا. تبديليءَ جو مطلب يڪدم ڪو ڦيرو آڻڻ ھوندو آھي پر ملڪ ۾ سواءِ مھانگائي جي ٻيو ڪو به ڦيرو يا انقلاب ڪنھن ھڪ به اداري ۾ نظر ناھي آيو، عمران خان، ڀٽي کي فوج جي نرسريءَ ۾ پليل سڏي ٿو پر پاڻ ته سياسي طور تي ڄڻيل ئي اتان جو ثابت ٿيو آھي ذاتي تعصب ۾ ڀٽو جي ڪردار تي ڇوھ ڇنڊڻ وارا اڄ تائين عوام جي دلين ۾ سندس جھڙي عزت ۽ جاءِ ڇو نه ماڻي سگھيا آھن؟ ذاتي وابستگي يا پارٽيءَ جي ڪجهھ ڪُڌن ڪردارن سبب ھڪ اھڙي ناياب ۽ عالمي شخصيت جي انحرافي يا مخالفت ڪرڻ ڪنھن به شعور واري کي جڳائي نٿو.

ھتي نوازشريف ۽ عمران جو ذڪر ڪنھن تعصب سبب ناھي ڪيو ويو پر ڪمن ذريعي ڀٽو ۽ ٻين ۾ فرق ڏيکارڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم ڇو ته تبديلي پنھنجا ثبوت ڇڏيندي آھي. لڪ ڇپ ۾ ڪڏھن به ناھي ايندي شخصي يا ذاتي طور ڀلي شھيد ڀٽي سان ڪو اختلاف رکي ته اھا الڳ ڳالهھ آھي پر سندس تاريخي ڪارنامن ۽ عوامي ڪمن کان انڪار ڪرڻ سج کان منھن ڦيرڻ جي برابر آھي. اڪثر ماڻھن کي ”ڀٽو زنده ھي“ جي نعري تي چڙندي ۽ چٿرون ڪندي ڏٺو اٿم، سندن منفرد ذھنيت ۽ سطحي سوچ تي افسوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهھ نٿو ڪري سگھجي پاڪستان کي ھن مھل تائين مليل وزير اعظمن مان جيڪڏھن سڀني جا ڪم ۽ جرئت ڏسجي تڏھن به اڪيلي ذوالفقار ڀٽو جي برابر نه ٿيندي ۽ اھو مان نه پر خود تاريخ چئي رھي آھي انسان خود زنده ناھي رھندو پر سندس ڪم ۽ ڪردار ھميشه زنده رھندو آھي.

جن کي شھيد ڀٽي جي اڄ تائين زنده ھجڻ تي اعتراض آھي اھي گھر ۾ موجود اسٽيل جي ڪنھن شي تي جيڪڏھن پاڪستان اسٽيل جو نالو يا ٺپو ڏسن ته سمجھو ڀٽو اوھان جي گھر ۾ زنده آھي، جيڪڏھن ڀارت کي ڪڏھن سينو ٺوڪي ايٽمي طاقت ھجڻ جي ڌمڪي ڏيو ته سمجھو ڀٽو اوھانجي سيني ۾ زنده آھي. جيڪڏھن پاڪستان جي فضائن ۾ ميراج جو گرجندڙ آواز ٻڌو ته سمجھو ڀٽو زنده آھي، جيڪڏھن اسلامي ڪانفرنس ۾ شاھ محمود قريشي يا ڪنھن وزير کي ويندي ڏسو ته اھو اعزاز به ڀٽو جو ڏنل سمجھو، نوي ھزار فوجين مان ڪنھن سان ملو ۽ پڇو ته ڀارت جي جيلن ۾ ڪيئن کين شيشو پياريو ويندو ھو جنھن سان سندن آنڊا ڪٽجي ويا ھئا پر پوءِ ھو زنده بچي ويا ته اھو به ڀٽو جي ڪري، ڪڏھن ريڊيو ٻڌو ۽ پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن جا لفظ ٻڌڻ ۾ اچن ته اھو تحفو به ڀٽو جو سمجھو، پاڪستان ۾ موجود اسڪولن، ڪاليجن ۽ ميڊيڪل ڪاليجن کي ڏسو ۽ انھن جي تاريخ پڙھو ته اڌ کان وڌيڪ ڀٽي جي دور ۾ ٺھيا، ڊاڪٽر قدير خان کي آڻڻ وارو به ڀٽو ئي ھو، ڪراچيءَ جي آءِ آءِ چندريگر روڊ جي وچان ريل جي پٽڙي ڏسي ڪنھن کان پڇي ڏسو ته اتي ٽرين ڪڏھن آئي؟ ته سڀ چوندا ڀٽي جي دور ۾ جيڪڏھن PSO جي تاريخ پڙھو ته ان جي پٺيان به ڀٽو نظر ايندو. جيڪڏھن ڪشمير جي تاريخ پڙھو ۽ اقوام متحده ۾ ڀارتي نمائندي کي شينھن وانگر للڪاري سندس منھن تي پاڻيءَ جو گلاس ھڻندي ڳوليو ته ڀٽو زنده نظر ايندو پاڪستان جي اقتصاديات ڏسو بينڪ آف چائنا دنيا کي قرض ٿو ڏئي پر ستر جي ڏھاڪي ۾ ڀٽي جو جوڙيل بينڪ بي سي سي آءِ بينڪ دنيا کي قرض ڏيندو ھو. ۽ جنھن جون بيشمار ملڪن ۾ لاتعداد برانچون ھيون بعد ۾ امريڪي مداخلت سان آمر ضياء ان جو خاتمو آڻي ڇڏيو. ڪڏھن آمريڪي خط کي ڦاڙي پيرن ھيٺان لتاڙي کين گجگوڙ سان للڪاريندڙ ياد ڪيو ته ڀٽو زنده ملندو. سڄي دنيا ۾ سائو پاسپورٽ کڻي پاڪستاني ٿي گھمندڙئو، ڀٽو اوھانجي شناخت ۽ سڃاڻ بڻجي اوھان سان گڏ آھي. جيڪڏھن PIA سائو جھنڊو ھڻي ملڪ جي سڃاڻ ۽ عزت وڌائي ٿو ته ڀٽو جي ڪري، جيڪڏھن مسجدن ۾ ويٺل مولوي حضرات ۽ اھل اسلام قاديانين کي ڪافر ٿا چون ته اھو اعزاز به ڀٽي جو آھي، ليبر ڪالوني ۾ مزدورن کي ڏسو ته ڀٽو نظر ايندو، سوشل سيڪيورٽي ۾ غريبن ۽ مزدورن کي علاج ڪرائيندي ڏسو ته ڀٽو نظر ايندو، جيڪڏھن پنج مرلا اسڪيم ۾ غريبن جي آبادي ڏسو ته ڀٽو نظر ايندو، اولڊ ايمپلائيز کي پينشن وٺندي ڏسو، اوور ٽائيم جا پئسا ملندي ڏسو، ھارين کي مالڪاڻا حق رکندي ڏسو، پڇڙيءَ وارن کي پاڻي ملندي ڏسو، مزدورن کي بونس وٺندي ڏسو، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي اڄ به ڀٽي جي سخت مخالفت ڪندي ڏسو ته ڀٽو ھر ھنڌ زنده نظر ايندو، ناصر باغ لاھور ۾ ڊسمبر جي سيءَ ۽ وسندڙ مينھن ۾ ڀڄي عوام اڳيان بيٺل ڀٽو زنده نظر ايندو. موت جي پرواني تي صحيح ڪندڙ، آمر قوتن کي للڪاريندڙ ڦندو خود پھريندڙ ۽ ڦاسي گھاٽ تي مرڪندڙ ڀٽو زنده آھي، غريبن سان پيرين اگھاڙي سفر ڪندڙ، مسڪينن کي ڀاڪر پائي ملندڙ، جمعي گڏھ واري کي دوست چوندڙ ڀٽو اڄ به زنده آھي، جيل ۾ سخت بيماري باوجود ملڪ نه ڇڏي وڃڻ وارو ڀٽو اڄ به زنده آھي. ھر انسان پنھنجي عمل ۽ ڪردار سان سڃاتو ويندو آھي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي تاريخي ڪردار سان رڳو 5 جنوري نه پر ھر ڏينھن حقيقت پسندن وٽ عزت، شان ۽ مان سان زنده ھو، زنده آھي ۽ زنده رھندو ڇو ته بقول استاد بخاري:

 

جو قوم جياري اھو جيئندو رھندو،

جو عام اجاري اھو جيئندو رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.