اڏام جي نئين تياري

تحرير؛انور ساجدي

وزير اعظم عمران خان هڪ وڏي معرڪي جي تياري ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ فارين فنڊنگ ڪيس ان جي مٿان تلوار جيان ٽنگيل آهي.جيڪو اٺن سالن کان عدالت جي ڪاغذن ۾  دٻيل آهي، هن دير ڪرائڻ جي اٽڪل کان ڪم وٺندي ان کي روڪي رکيو آهي، پر جيڪڏهن ٺاهه نه ٿيو ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي.ظاهري طور ڪپتان ۽ سندس جماعت تحريڪ انصاف جو بچڻ ڏکيو نظر اچي ٿو. پر جهڙي طرح هن ڪجهه رعايتي قوتن جي سهڪار سان هڪ سڌي سادي ڪيس کي ٽنگي رکيو آهي ان مان لڳي ٿو ته متان اهو ڪيس اڃان به پوئتي رهجي وڃي. پر فارين فنڊنگ ڪيس ترپ جو اهڙو پتو آهي، جنهن سان طاقتور قوتون  ڪپتان کي گهر جو رستو ڏيکاري  پنهجو مقصد حاصل ڪري سگهن ٿيون.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو خيال آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو فيصلو خلاف به اچي وڃي ته ان کي اعليٰ عدالتن ۾ چئلينج ڪري وڌيڪ وقت گذاري سگهجي ٿو.بهرحال انهن سمورين ڳالهين جو دارو مدار عمران خان ۽ طاقتوري ڌرين جي وچ۾ لاڳاپن تي آهي.جيڪڏهن ٺاهه نه ٿيو ته ٻنهي طرفان زهر سان ڀريل تير هڪ ٻئي خلاف آزمايا ويندا. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته مارچ ۾ ڪپتان هڪ خطرناڪ فيصلو ڪري وڏو رسڪ کڻندو. اها اهڙي جوئا هوندي جنهن جو ڪو به نتيجو نڪري سگهي ٿو.مارچ کان اڳ زور آزماڻڻ جو هڪ مقابلو ٿيندو. جڏهن ته مارچ ۾ مولانا به هڪ زبردست مارچ ڪندو. هن ڀيري ان مارچ کي وڌيڪ حمايت حاصل هوندي.

بهرحال عمران خان جي سرڪار پوري ڪوشش ڪندي ته مارچ لاهور ۽ اٽڪ کان اڳيان نه وڃي سگهي. ان مقصد جي لاءِ پنجاب ۽ پختونخواه جي صوبائي فورسز ۽ فيڊرل فورسز کي پوري قوت سان استعمال ڪيو ويندو. پر مولانا جي سامهون ٽي ايل پي جو مثال موجود آهي. جنهن جي ٽي روڊ تي پوليس ۽ رينجرز کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا هئا. مولانا ۽ سندس پرائيويٽ فورس ڀرپور طاقت سان مقابلي جي لاءِ ايندي. ان ۾ اهو خدشو موجود آهي ته لاهور يا ان جي ڀرپاسي ۾ طاقت جو بي رحماڻو استعمال ٿيو ته نون ليگ جا متوالا ڀڄي ويندا. ان جماعت اڄ تائين گهڻي مار نه کاڌي آهي. ان جو ورڪرز ڪيڊر اهڙي صورتحال جو تجربو نٿو رکي، جڏهن ته ان پارٽي جاگهڻا ماڻهون وچولي طبقي واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل آهن، جيڪي ووٽ ته ڏئي ڇڏيندا اهي پر مار برداشت نٿا ڪري سگهن.

هڪ ڪري ته اها عجيب غريب صورتحال آهي، مقتدره هڪ طرف نوازشريف سان ڳالهين ۾ مصروف آهي. ٻئي طرف ان پيپلز پارٽي کي به آن بورڊ تي ورتو آهي.پر ٻنهي جماعتن کي درست صورتحال جو ادارڪ نه آهي.ته آيا مقتدرا ادارا عمران کي هيٺ ڏيکاري ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا يا واقعي ڪپتان مان عاجز اچي ويا آهن.خاص ڪري اهي بدترين معاشي صورتحال کان پريشان آهن،اهي هاڻي اهو مڃين ٿا ته هي حڪومت رياست کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي صلاحيت نٿي رکي.

بدقسمتي سان سياسي صورتحال ماضي جيان ئي جڙي وئي آهي. جمهوريت جي مضبوطي ، استحڪام ۽ آئيني  حڪمراني  واري ڳالهه ٻيهر پوئتي رهجي وئي آهي. اها ئي صف بندي آهي جيڪا ماضيءَ ۾  ٿيندي رهي آهي. ۽ جيان اپوزشن التجا پئي ڪري ته ان جي مٿي تي هٿ رکيو وڃي.بهرحال زرداري انِ هائوس تبديلي ۽ نون ليگ فوري چونڊون چاهي ٿي. زرداري جو خيال آهي ته فوري چونڊن سان هڪ افراتفري جي صورتحال جنم وٺندي پر نون ليگ جو موقف آهي ته جيڪڏهن فوري چونڊون نه ٿيون ته ايندڙ بجيت تائين حڪومت کي ڊيفالٽ ڪرڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ اهڙي ڏکيائي پيدا ٿيندي جو ان کي ڪو به حل نه ڪري سگهندو، ٻئي پاسي تحريڪ انصاف امڪاني طور تي پنجاب ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن کان ڊنل آهي.ان کي پنهنجي بد ترين شڪست جو خوف آهي،عمران خان کي صلاح ڏني وئي آهي ته عثمان بوزدار کي هٽائن کانسواءِ  مڪاني ادارن جي چوندن جو نتيجو 60 سيڪڙو نون ليگ جي حق ۾ نڪرندو. جيڪڏهن پنجاب جا مڪاني ادارا تحريڪ  انصاف جي هٿن مان نڪرڻ لڳا ته پوءِ ايندڙ عام چونڊون پڻ هٿن مان نڪري وينديون.گهڻو امڪان اهو ئي آهي ته حڪومت ڪنهن به صورت ۾

مڪاني ادارن جي چونڊن کي اڳيان وڌائي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي. اهي سمورا معاملا هڪ پاسي ۽ اقتصادي شعبي  جي خراب صورت سڀني کان وڌيڪ ڳري آهي، ڇاڪاڻ جو حڪومت وٽ ايترا پئسا به نه آهن، جو لکين پينشنرز کي ادائيگي ڪري سگهي.ان باوجود حڪومتي ترجمان ۽ ناڻي وارو وزير شوڪت ترين خوش خبري پيو ٻڌائي ته معيشيت مٿي اٿڻ شروع ڪيو آهي ۽ مني بجيٽ جي باوجود چيو پيو وڃي مهانگائي جي لهر ۾ جلد ئي گهٽتائي ايندي. حڪومت جي اهڙي دعويٰ سکڻي آهي.اهڙن بيانن جو مقصد عوام ۽ ڪارڪنن کي رڳو تسلين ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي،انهن ڳالهين جي باوجود قاف ليگ سائو جهنڊو ڌيکاري رهي آهي، جيتوڻيڪ اها پرئين پاسي جي جماعت آهي جيڪا ڪنهن اشاري کانسواءِ ڪو به قدم نٿي کڻي. پر پرويز الاهي ، آصف زرداري سان پنهنجا معاملا نبيري ورتا آهن،جيئن ئي اليڪشن جو اعلان ٿيندو ٻئي جماعتون سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏينديون، جيڪو هڪ اليڪشن اتحاد هوندو،هڪڙو اهڙو اتحاد سنڌ ۾ پڻ قائم ٿي رهيو آهي،جيڪو پيپلز پارٽي جي مخالفن تي ٻڌل هوندو، گهڻو امڪان اهو ئي آهي ته سرپرستي کان محروم ٿيڻ کانپوءِ

تحريڪ انصاف ڪو ذڪر جوڳو نتيجو حاصل ڪري نه سگهندي.جڏهن ته ايم ڪيو ايم شهري علاقن مان اڳي کان وڌيڪ نتيجا حاصل ڪندي.ته جيئن ضرورت وقت ۾ ڪنهن ڪم اچي سگهي. ان اتحاد ۾ جي ڊي اي به شامل هوندي، علائقائي بندوبست جي تحت سنڌ ۾ جي يو آءِ پڻ جي ڊي اي،سان ملي ڪري پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائم ڏيندي. ان جي لاءِ مولانا، زرداري سان سرد مهري سان  پيش اچي رهيو آهي.پر اها رڳو هڪڙي خوش فهمي آهي.پيپلز پارٽي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ساڳي پوزيشن ۾ ايندي.اهو سڀ ڪجهه مٿين جي مرضي کانسواءِ نه ٿيندو.

عمران خان کي چئلينج سامهون آهن، ان ڪري هن جي شخصيت جا لڪيل پاسا آهستي آهستي پڌرا ٿي رهيا آهن، هن تازو ئي برطانيه جي هڪ لابي فرم جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. جنهن صلاح ڏني آهي ته وزير اعظم  اسلام دين ۽ مديني واري رياست جون ڳالهيون هر تقرير ۾  ڪري، ڇاڪاڻ جو اسلام جي باري ۾ پاڪستان جا ماڻهو گهڻو جذباتي آهن. جنهن سان وزيراعظم جي شخصيت ۽ پارٽي کي فائدو ٿيندو.اهو ئي  سبب آهي،جو وزير اعظم اهڙين ڳالهين جو ورد وڌائي ڇڏيو آهي.پر ان لابي واري فرم وزيراعظم کي اهو نه ٻڌايو آهي ته سکڻن نعرن سان ڪيستائين هلندا،هتي ته سمورو نظام وياج تي ٻڌل آهي . هتي معاشي طور تي ڏيوالو نڪتل آهي ۽ آءِايم ايف قرض ڏيندڙن ٻين ادارن جو محتاج آهي، ان صورت ۾ مديني واري رياست جو بنا وياج وارو نظام ڪيئن قائم ٿي سگهندو. ان ڪري سکڻن نعرن جو پول جلد کلي ويندو. بهرحال اهو ضرور آهي ته عمران خان کي نواز شريف جيان ڪڍي ڇڏڻ سولو نه آهي.عمران خان کي گورن جي زبان تي عبور حاصل آهي، جي هن کي نيڪالي ڏني وئي ته اهو سموري دنيا مٿي تي کڻي وٺندو.۽ انڪشاف مٿان انڪشاف ڪندو ويندو، جنهن سان اصل والي وارث قوتن کي پريشان ڪري ڇڏيندو.عالمي ميڊيا تي هن جا انٽرويو وڏين سرخين سان شايع ٿيندا. جنهن ڪري هن کي رواني ڪرڻ جي لاءِ هڪ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.

اها ته حقيقت آهي ته ڪپتان ناڪامي جو شڪار آهي، جي هو پنهنجو مدو پورو ڪري ويو  ته رياست ۾ وڳوڙ پکڙندا.ماڻهون ٻاهر اچي ڦرلٽ شروع ڪندا. ان جو پهريون مثال حيدرآباد لڳ ڀاڻ جي ٽرڪ ڦرڻ جو واقعو آهي.مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ سنگين صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي. هي اپوزيشن ته فرينڊلي  مخالفت ڪري رهي آهي.جيڪڏهن اها سنجيده ٿي وڃي ته ڦيٿي جام جي ڪال ڏئي سگهي ٿي.۽ مهانگائي جي معاملي تي جي عوام کي رستن تي گهرائڻ جو سڏ ڏئي ته اهو موزون وقت آهي. پر اپوزيشن کي به ايمپائر جي اشاري جو انتظار آهي. ان بنا ڪا رسڪ کڻڻ جي لاءِ تيار نه آهي.جڏهن ته ڌرين وٽ وقت گهٽ آهي جيڪڏهن مارچ تائين تبديلي نٿي اچي ته ڏيڍ سال بعد اليڪشن جو انتظار ڪرڻو پوندو.

بلوچستان جي لاءِ باپ کانپوءِ هڪ ٻي ڪنگز پارٽي جي ضرورت پوندي.صوبائي حڪومت ۾ شامل مخلوط جماعتن جا اڪثر ميمبر باپ پارٽي ڇڏي ڪري اڏام جي لاءِ تيار آهن. اليڪشن کان اڳ جنهن ڏينهن نگران حڪومت جي قيام جو اعلان ٿيندو ته وڏي وزير سميت ڪيترا ئي ميمبر پيپلز پارٽي ۽ ڪجهه نون ليگ ۾ شامل ٿيندا.جيڪڏهن اصل والي وارثن کي  ڪنهن ڪنگز پارٽي جي ضرورت پئي ته ان جي لاءِ نئون بندوبست ڪرڻو پوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.