مڪاني بل واپس ٿيڻ تائين سنڌ سرڪار سان ڳالهيون نه ٿينديون: سردار عبدالرحيم

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ جي ڊي اي جي انفارميشن سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آهي ته سنڌ حڪومت مخالف ڌر جي احتجاج کان ڊڄي بلدياتي نظام تي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني پر بلدياتي بل جي واپس نه ٿيڻ تائين سنڌ حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون. هو ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. هن چيو ته بلدياتي بل ڪنهن هڪ زبان ڳالهائڻ واري خلاف نه پر سنڌ خلاف آهي، سنڌ دشمن بلدياتي ڪاري قانون خلاف سنڌ جون سموريون مخالف ڌر جون جماعتون گڏ آھن. هن چيو ته فنڪشنل ليگ اپوزيشن جماعتن سان گڏجي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪندي، سکر ۾ ٿيندڙ فنڪشنل ليگ جي صوبائي اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويندا. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن بلدياتي ترميمي بل کي سنڌ جون سموريون اپوزيشن جماعتون، قومپرست، مذھبي، ڪاروباري جماعتن رد ڪري ڇڏيو آھي، ڪاري قانون خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، سکر ۾ ٿيندڙ فنڪشنل ليگ جي صوبائي اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويندا. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ جو ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري وقار حسين جٽ، جوائنٽ سيڪريٽري بئريسٽر ارشد شر بلوچ، حيدرآباد جو صدر چوڌري ظفرالله، سيڪريٽري رفيق مگسي، چوڌري تنوير، اشرف قريشي ۽ ٻيا موجود ھئا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.