فواد چوڌري جو بيان نظريي پاڪستان خلاف قرار، هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سڌ سماءَ کاتي جي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف سينئر ايڊووڪيٽ سهيل حميد درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست گذار وفاقي سيڪريٽري ڪابينا، قانون جي کاتي ۽ فوادچوڌري کي ڌر ٺاهيندي موقف اختيار ڪيو ته وفاقي وزير جو بيان نظريه پاڪستان جي خلاف آهي .هن چيو ته فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قائداعظم پاڪستان کي مذهبي رياست نٿي ٺاهڻ چاهي.  فواد چوڌري جو بيان 28 ڊسمبر جي اخبار آيو آهي. قائداعظم مسلمانن جي هڪ آزاد رياست ٺاهڻ چاهي پئي ته جيئن هو پنهنجون مذهبي رسمون آزادي سان ڪري سگهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ 1988ع ۾ بينظير ڀٽو ڪيس ۾ نظريه پاڪستان ۽ نظريه اسلام هڪ قرار ڏنو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.