اپوزيشن مڪاني بل تي ڊرامي بازي پئي ڪري: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته  وفاقي حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، ان ڪري پي ٽي آءِ جو سنڌ مان صفايو ٿي چڪو آهي،   ايم ڪيو ايم پاڪستان شڪست جي خوف سبب مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ نه آهي،  اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر جي ڏينهن پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيوهن  چيو ته پي ٽي آءِ جي ارسطو وزير جنهن کي وزارت کان برطرف ڪيو ويو هو، هو ارسطو فرمائن ٿا ته سنڌ جو مڪاني قانون پاڪستان لاءِ خطرو آهي،حليم عادل نيازي سرڪس جو مسخرو آهن، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. سعيد غني چيو ته اهو به چيو ويو ته سنڌ حڪومت ڪوووڊ ۾ ماڻهن جي مدد ناهي ڪئي. سعيد غني چيو ته جنهن وقت ڪوووڊ ڦهلجي رهيو هو ۽ اسان لاڪ ڊائون هنيو هو سعيد غني چيو ته اهي چوندا آهن ته ڪڻڪ ڪوئا کائي ويا. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته فلور ملز کي ڪڻڪ ڪريڊٽ تي ڏني ويندي آهي، ان مان ڪيترين ئي فلور ملز ادائيگي نه ڪئي ته پاڻ سنڌ حڪومت نيب کي خط لکيو هو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جو هن صوبي جي عوام لاءِ پنهنجي پاڻ کي مسيحا قرار ڏيندا آهن ٻڌائن ته جڏهن وفاقي حڪومت ڪابينا ۾ پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف بجيٽ ڪابينا منظور ڪيو، ان وقت ان جي وزيرن ڪابينا ۾ موجود هئا ته ڇو انهن ان جي مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته لوڪل گورنمينٽ جي قانون جو جواز ٺاهي ڪري ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي احتجاج ڪري رهيا آهن ته گيس نه ملڻ تي انهن جا آواز ڇو نٿا نڪرن، مهانگائي تي ڇو خاموش آهن. اهي ماڻهو پيٽرول، ڊيزل، کنڊ، اٽو، دوائن جي قيمتن ۾ تاريخي اضافي تي ڇو خاموش آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سميت ٻين اپوزيشن جماعتن جيڪي اڄ لوڪل گورنميٽ جي آڙ ۾ سياست ۽ ڊراما بازيون ڪري رهيون آهن ان جو هڪ ئي مقصد آهي ته هو پنهنجي سياسي دوڪانداري کي چمڪائن، هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ تيار آهي ۽ جيئن ئي اليڪشن ڪميشن طرفان تڪ بندين جو ڪم مڪمل ٿيندو ۽ اعتراض ۽ ٻيا مسئلا حل ڪيا ويندا ته اسان مڪاني الڪيشن ڪرائي ڇڏينداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.