ڀاڻ جي کوٽ ختم نه ٿي، ڪڻڪ جو فصل گهٽ لهڻ جو خدشو

  •  سموري سنڌ ۾ گذريل ٻن کن مهينن کان يوريا ڀاڻ جي کوٽ جيئن جو تيئن برقرار آهي، سرڪار ڪنهن به طرح سان ڪي قدم ناهن کنيا ،جنهن مان لڳي ته عام هارين نارين يا ننڍن آبادگارن کي ڪو رليف ملي سگهندو.اهڙي صورتحال رهي ته هن وقت پوکيل فصل گهڻو متاثر ٿيندو، ان ڪري زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ  سميت ٻين جنسن جي به کوٽ ٿي سگهي ٿي. اهڙي کوٽ ڪيترن ئي ٻين بحرانن کي جنم ڏيئي سگهي ٿي.
  • سنڌ جي آبادگارن، يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان معاملي جو ترت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي يوريا ڀاڻ جي مارڪيٽ ۾ فراهم نه  ٿيڻ جي صورت ۾ صوبي اندر ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو آهي.آچر واري ڏينهن  سنڌ جي آبادگارن جو هڪ اهم  اجلاس ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاهه جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو.جنهن ۾ ڀاڻ جي گهوٽالي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو،
  •  اجلاس ۾ سانگهڙ، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي آبادگارن وڊيو لنڪ وسيلي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سيد ميران محمد شاهه چيو ته ڪميشن مافيا سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ مارڪيٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ ڀاڻ جون ٽرڪون ڦرجڻ  جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪا صورتحال سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، جنهن تي ايوان زراعت کي سخت ڳڻتي آهي. هن چيو ته ڀاڻ جون ٽرڪون ڦرلٽ ڪرڻ ۾ شرپسند ڏوهاري ماڻهو ملوث آهن، اهڙن  واقعن ۾ ڪو به آبادگار ملوث ناهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ اندر ڀاڻ جي پيدا ٿيل هٿرادو کوٽ، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ڀاڻ جي ڦرلٽ جو فوري نوٽيس وٺي ۽ مافيا خلاف سخت ايڪشن عمل ۾ آڻي . هن جو چوڻ هو ته يوريا ڀاڻ جي فراهمي کي سرڪاري ڪنٽرول اگهه تي يقيني بڻايو وڃي ۽ يوريا ڀاڻ جي ڦرلٽ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. هن چيو ته ڀاڻ کي فوري طور تي اوپن ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو. هن چيو ته يوريا ڀاڻ، ڊي اي پي، ڊيزل جون قيمتون وڌي ويون آهن، ان ڪري هلندڙ سال 2022 ۾ ڪڻڪ جو نئون امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 25 سئو روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ بصر ۽ ٽماٽي جو بمپر فصل مارڪيٽ ۾ لٿو آهي، پر اهو ٽڪي ڌڙي اگهه تي وڪامجي پيو، جڏهن ته ايران مان بصر ۽ ٽماٽو امپورٽ ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي بصر ۽ ٽماٽي جي اگهه کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته کجور به ايران مان امپورٽ ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي کجور جو اگهه گهٽجي ويو آهي، پهريان سنڌ جي کجور ۽ ڇونهارو انڊيا ۾ ايڪسپورٽ ٿيندو هو، جيڪو پڻ بند ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي کجي جي فصل کي پورائو نه ٿي سگهندڙ  نقصان پهچي رهيو آهي، کجور جا آبادگار سخت پريشان آهن. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايران مان بصر ٽماٽي ۽ کجور جي امپورٽ بنا دير بند ڪري، انهن جنسن جي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو، محمد خان ساريجو، غلام مجتبي انڙ، مصري ملاح، قادر نواز ميمڻ، مراد علي خان نظاماڻي، سيد الطاف حسين شاهه، عبدالحليم ميمڻ ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي.
  • اسان جي حڪمرانن کي اهو قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙي هٻڪ آهي ته هي هڪڙو  زرعي علائقو آهي.اها هڪ مڃيل حقيقت آهي پر اسان جي هر دور جي حڪومت زراعت واري شعبي کي نظرانداز ڪري ٿي ڇڏي، جنهن ڪري هتي زراعت سان لاڳاپيل هڪ وڏي آباديءَ هميشه مسئلن ۾ منجهيل رهي ٿي، جيڪڏهن سرڪار هن پاسي ڌيان ڏئي ته ڪر آبادگارن، هارين نارين ۽ ننڍن زميندارن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
  • سنڌ اهڙو علائقو رهيو آهي جتي هر دور ۾ پهرئين ته پاڻي جي کوٽ رهي ٿي، چوڻ جي لاءِ اسان وٽ آبپاشي کاتو آهي، پر ان هوندي به ننڍن آبادگارن جي پاڻي نه ملڻ جي  دانهن رهندي اچي ٿي، اها به هڪ
  • حقيقت آهي ته هر حڪومت پنهنجن حامين کي پاڻي، ٻج، ڀاڻ توڙي ٻين زرعي معاملن ۾ رعايت ڏيندي آهي جنهن ڪري عام ماڻهون جا مسئلا ڪڏهن به حل نه ٿيا آهن. هئڻ ته ايئن گهرجي جو زراعت جو کاتو زراعت سان لاڳاپيل مسئلا بنا ڪنهن دير جي ميرٽ جي بنياد تي حل ڪري، عام هارين نارين ۽ ننڍن آبادگارن کي سندن ضرورتن جي حل لاءِ ڪنهن به سفارش جي ضرورت نه پئي پر هتي سمورو قصو ئي ان جي ابتڙ لڳو  پيو آهي. جنهڪري عام ماڻهن ۾ اهو ئي تاثر پيدا ٿئي ٿو ته هتي غريب غربي هاري ناري جو ڪو به ڀرجهلو نه آهي،
  • هن وقت سموري سنڌ جي عام ماڻهن توڙي زراعت سان واڳيل ماڻهن جو اهو يقين آهي ته هن وقت سموري سنڌ ۾ جاري ڀاڻ جي بحران جي لاءِ موجوده حڪومت ذميوار آهي، انهن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته حڪومت ۽ انتظاميه هٿ سان ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو آهي. ان سموري گهوٽالي مان ننڍن هارين کي نقصان وڌيڪ ٿي رهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ وڏا زميندار ۽آبادگار هاڻوڪي بحراني ڪيفيت مان پڻ نڪري ويندا، جو کين ڀاڻ ملي ٿو وڃي. ان جو مقابلو ننڍو زميندار نه پيوڪري سگهي.
  • هارين جي گهڻائي هن بحران ۾ انڪري به  وڌيڪ پريشان آهي، جو ان سان هنن جي في ايڪڙ پيداوار تي خرچ وڌي ويندو، جنهنڪري فصل لهڻ وقت اهي ڪنهن به پاسي جا نه رهندا. ٻئي پاسي ڀاڻ جي کوٽ جي نتيجي ۾ هن ڀيري ڪڻڪ توڙي ٻيا فصل گهٽ لهندا. جنهن جو نقصان به انهن کي وڌيڪ ٿيڻو آهي.
  • سنڌ جي ابادگارن جي ڳڻتي جو احساس ڪندي سرڪار کي فوري طور تي اهڙا عملي ۽ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان عام هارين۽ ننڍن آبادگارن کي هن بحران مان ڪڍي سگهجي، ان سان ئي سرڪار کي به فائدو ٿيندو، اهڙي عمل سان ماهرن پاران ان خدشي کي به گهٽ ڪري سگهجي ٿو جنهن موجب ڪڻڪ جو فصل گهٽ لهندو.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.