ڳالهيون جيڪي اهميت واريون…!

تحرير:عبدالواحد سومرو

سماج جي اهم ٿنڀن مان هڪ ٿنڀو آهي، صحافت، جيڪا پنهنجي جوهر ۾ سنڌ ۾ جدوجهد جي رستي تي هلندڙ آهي،  اها هميشه حق سچ جو آواز بڻيل جتي آهي ته اتي ساڳئي تسلسل ۾ سيڪيولر به، اها پنهنجي سفر ۾ اڄ پنهنجي جوڀن کي رَسي آهي.

اڄ جي صحافت پوءِ پرنٽ کان، چينل کان ٿيندي نيٽ تائين خلق خدا جي آواز سان جڙي بيٺي آهي، ڪلهه به اڄ به صحافت مظلوم جي ساٿاري آهي، ڪلهه کان اڄ تائين سنڌي صحافي به مسئلن حادثن ۽ موت سان مقابلو ڪندا رهيا آهن، ڪلهه هڪ سلسلو جيڪو مختصر ڪالم جي صورت ۾ شمشير الحيدري کان ٿيندو، انور پيرزادو جي ”متان وساريو“ کان ٿيندو نوجوان، برجستي صحافي زرار تائين سلسلو هلندو پيو اچي.

زرار جي سوچ لوچ جو عڪس ۽ اولڙو ”نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون“ ۾ جذبو، احساس، رس چس کان ويندي سوچڻ جي صلاحيت سان ڀريل آهن، اهي آواز آهن، اهي پڪار بڻجي ماڻهن جي دلين کي گرمائڻ جي طاقت رکن ٿيون، گهڻي ڀاڱي ته هو هِتان جي مسئلن تي پنهنجو قلم کڻي ٿو ۽ انهن تي جرح ڪندي مسئلن تي لکندي نظر اچي ٿو.

صحافت جي دنيا ۾ هڪ خوش نصيب صحافين مان هڪ آهي، جنهن کي پنهنجي نالي ۽ ڪيل ڪم سبب سڃاڻپ آهي، جيڪا وڏي ڳالهه آهي.

بحرحال هن جي قلم مان جتي هي ”نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون“ ڪتاب جي صورت ۾ وجود ۽ محفوظ ڪيون آهن ته اتي هن جي قلم مان ٻيا ليک ۽ مضمونن کان ويندي پنهنجي حصي، وقت جي نزاڪت سان تقريرون به ڪندي نظر ايندو آهي.

هن جو ڪيل ڪم جيڪو خالي ”نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون“ ۾ ڏنل آهن، اهي جيڪڏهن گڏ ڪجن ته انهن تي به ڪجهه ٻيا ڪتاب ٿي ويندا.

انهن مان ڪجهه هتي پڙهندڙن جي لاءِ ذڪر هيٺ آڻجن ٿا ته پڙهي ڏسو!

”اسڪول آف ٿاٽ“ ۾ لکي ٿو ته“ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو تعليم يافته آهي، ڪو اسڪول آف ٿاٽ به اٿس ته پوءِ وري اهو ڏسڻو پوندو ته ڇا اهو ماڻهو عملي طور پنهنجي اسڪول آف ٿاٽ تي هلي به ٿو يا سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو فرق آهي.

پر جيڪي ماڻهو پاڻ کي وساري پنهنجا ذاتي مفاد ڇڏي ٻين لاءِ سڀني جي سک لاءِ اجتماعي طور سوچيندا ۽ لوچيندا آهن، عوام جا ئي ڀرجهلو هوندا آهن. عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن، سي ئي غير معمولي  هوندا آهن.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ”اسڪول آف ٿاٽ“، ”وڻ ڏٺو، شهر ڏٺو“ جي مصداق ماڻهن، پارٽين ۽ نظرين کي پرکڻ جو پهريون تعارف هوندو آهي.

(29 اپريل 2011)

هاڻي ميڊيا به عوام جي ناهي رهي!

ڪو زمانو هوندو هو جڏهن اخبارن کي يعني پرنٽ ميڊيا کي عوامي مسئلن کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ جو سڀ کان طاقتور ذريعو سمجهيو ويندو هو.

اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي هاڻي عوام جي مسئلن بدران اسٽيبلشمينٽ جي ڏنل اشوز تي بحث مباحثا ٿين ٿا، ايڊيٽوريل، ڪالم ۽ مضمون لکجن ٿا.

اسٽيل مل تباهه ٿي وئي آهي، ملازم خودڪشيون ڪرڻ لڳا آهن پر اهو اليڪٽرانڪ ٽي وي جي ڪرنٽ افيئرز جو روز جو موضوع ناهي.

بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بحران ميڊيا جو اشو ناهي رهيو، اهو عوام جو ۽ ان جي ڀوڳڻ جو اشو آهي.

هتي ماڻهن کي نوڪريون به پئسن تي ملن ٿيون ته ملازم بدليون به پئسا ڏئي ٿا ڪرائين پر آهي ميڊيا تي اهو اشو؟

سو نوٽ ڪرڻ جي اها آهي ته اڳي ميڊيا، حڪمرانن ۽ سياستدانن کي عوام جا مسئلا ٻڌائيندي هئي پر هاڻي ميڊيا عوام کي حڪمرانن ۽ سياستدانن جا مسئلا ٻڌائي رهي آهي.

(27 اپريل 2017)

سنڌ ۽ عوام دوست اقتداري جماعت، ڪيئن هلندي؟

پ پ پ اقتدار لاءِ هر دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين تحت ”حڪمراني“ ڪندي رهي آهي ۽ اها اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ان صورت ۾ ڪندي آهي جڏهن ان کي اقتداري سيٽ اپ کان ٻاهر رکيو ويندو آهي.

پ پ يا ڪا به ٻي اقتدار جماعت عوام، جمهوريت ۽ انقلاب جو نعرو رڳو ان ڪري هڻندي آهي ته جيئن اها دنيا کي ٻڌائي سگهي ته  اها عوام جي حمايت ملڻ سبب اقتدار ۾ آئي آهي.

سو اقتداري جماعتن جي عوام ۾ دلچسپي صرف ان حد تائين آهي ۽ بس اها ڳالهه سمجهڻ ۾ برابر عوام کي وقت لڳندو.

سنڌ ۽ عوام دوست اقتداري جماعت نه ملڻ جو ڪارڻ اسٽيبلشمينٽ آهي. اسٽيبلشمينٽ پاڻ نٿي چاهي ته ان جي اقتداري سيٽ اپ ۾ سنڌ ۽ عوام دوست پارٽي اچي.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته جيستائين اسان جي پارلياماني نظام ۾ ’اليڪشن‘ بدران ”سليڪيشن“ ٿيندي رهندي ۽ جيستائين اسٽيبلشمينٽ جي چونڊ نظام ۾ مداخلت هوندي تيستائين سنڌ کي، سنڌ ۽ عوام دوست اقتداري جماعت نه ملي سگهندي.

ايم ڪيو ايم جي اصليت.

ايم ڪيو ايم بابت ڇا اهو عام تاثر ناهي رهيو ته اها اقتداري پارٽي آهي ۽ اقتدار کان سواءِ رهي نه سگهندي آهي.

ايم ڪيو ايم پاڻ ڏانهن ڌيان ڏيارڻ لاءِ پهرين ڪراچيءَ ۾ فوج گهرائڻ جو چيو ۽ هاڻي ملڪ ۾ نوان صوبا بڻائڻ لاءِ اي پي سي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

۽ ايئن هاڻي ان کي سياسي دٻاءَ وڌائڻ لاءِ ٽي ٽي ڏينهن هڙتالن بدران سياسي اشو پيدا ڪري پنهنجا مفاد ماڻڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، ملڪ ۾ نون صوبن جا مطالبا به پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ۽ حڪومتي سيٽ ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش آهن.

نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي پاليسيءَ سان اهو ثابت ڪندي رهندي آهي ته جيڪڏهن اها اقتدار ۾ ناهي يا کيس اقتدار ۾ نٿو آندو وڃي ته پوءِ کين نه ملڪ کپي نه سنڌ ۽ نه ئي جمهوريت.

هن ڪتاب ۾ 141 مختصر ڪالم موجود آهن، مجموعي طور تي هڪ کان هڪ بهترين آهي، ڪهڙو چونڊي حوالو ڏجي، ڪجهه سالن جي واقعن جي جيڪر صحافتي خبر ناهي بلڪ هڪ ته تجزيي تي مبني آهي، هنن ۾ نه صرف هڪ صوبي، ملڪ نه پر عالمي موضوعن تي به ڪالم آهن. بلڪه علائقائي ٻلهڙيجي جي واٽس ايپ گروپ کان ويندي هڪ وڏو جهان اندر موجود آهي. جيڪو هن هڪ ڪتاب ۾ مواد هڪ مختصر ڪالم ۾ انتهائي سنجيدگيءَ سان پيش ڪيو آهن، تجربو به موجود آهي ته تجزيو به. ڪلهه جون ڳالهيون ڪيل اڄ به ٿوري گهڻي فرق سان موجود آهن.

زرار پيرزادو پنهنجي ڪم ۾ جتي سنجيده آهي ته اتي تحرير ۾ به پختگيءَ سان گڏ پروف ريڊنگ واري معاملي تي به ڌيان ڏنو آهي. هڪ ڪتاب جيڪو پڙهندي سڪون، پڙهندي بوريت، نئين ڪالم پڙهڻ لاءِ دل گهري ٿي.

هڪ ڪيل ڪم پورهيو جيڪو هن ڪتاب ۾ محفوظ بڻجي پيو ۽ ان عرض سان ته رهيل ڪم جيڪو مختصر ڪالمن جو آهي توڙي جو مضمون، ڪالم وغيره سي به آهستي آهستي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ گهرجن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.