لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پراڻو پاڪستان بچايو تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ شهر ۾ وڌندڙ گندگي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ قومي جهنڊو ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن سجاد حسين سومرو، غلام مصطفيٰ گوپانگ، لطف الله مري، گل نظر چانڊيو، مير محمود چانڊيو ۽ ٻين چيو ته گذريل مهيني کان وٺي پوري سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ برقرار آهي جنهن ڪري غريب هارين ۽ آبادگارن کي مارڪيٽ مان ڀاڻ به نه پيو ملي. اسين عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.