سرائيڪين سان تعصب ڪنهن سانحي کي جنم ڏئي سگهي ٿو: نخبه تاج لانگاهه

رحيم يارخان(پ ر)  پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي ٿنڪ ٽينڪ ايگزيڪيوٽو اجلاس ڪينال ڪنٽري ڪلب رحيم يار خان ۾ چيئرپرسن ڊاڪٽر نخبه تاج لنگاه، محمد اڪبر انصاري ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ سينٽرل سيڪريٽري جنرل ۽ سيد خليل بخاري جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو،جنهن ۾ مرڪزي صدر ملڪ الله نواز وينس به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نخبه تاج لنگاهه چيو ته عمران خان جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، لڳي رهيو آهي ته اها ڪنهن ايجنڊا جو حصو بڻجي وئي آهي، مرڪزي سيڪريٽري جنرل محمد اڪبر انصاري ايڊووڪيٽ چيو ته سرائيڪي صوبي ۽ سرائيڪي قوم کي حق ڏيڻ واري معاملي تي بي حسي دراصل سرائيڪي قوم کي ويڙهائڻ جي ڳجهي سازش آهي،هن چيو ته  سرائيڪي وسيب تي اڄ به قابض سرائيڪي تحريڪ سان وڙهندي سرائيڪي قوم ۽ ان جي نوجوانن کي بنگالين ۽ بلوچن وانگر غدار قرار ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪو ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جي خلاف آهي،  ملڪ الله نواز وينس چيو ته سرائيڪي وسيب جي آفيسن ۾ آفيسرن جو سلوڪ سرائيڪي عوام سان غلط آهي، اهڙو عمل ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش ڪري سگهي ٿو، ٿنڪ ٽينڪ جي صدر خليل بخاري چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڌرتيءَ جي سمورين قومن کي متحد ٿي اسلام، پاڪستان ۽ ڀائيچاري جي نالي تي ڦرلٽ ڪندڙ ۽ قبضي خورن خلاف جهدجهد ڪرڻي پوندي، اجلاس ۾ ٿنڪ ٽينڪ ايگزيڪيوٽو جي ميمبرن ايجنڊا موجب پنهنجا ويچار پيش ڪيا ۽ اجلاس ۾ بحث هيٺ آيل معاملن جي روشني ۾ پاڪستان سرائيڪي پارٽي هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سمورين پارلياماني پارٽين کان مطالبو ڪيو ويو ته سرائيڪي وسيب سندن منشور ۾ شامل آهي، جنهن لاءِ پارليامينٽ ۾ گڏيل بل آڻڻ گهرجي، پاڪستان سرائيڪي پارٽي سمورن اسيمبلي ميمبرن جي گهرن ٻاهران مظاهرو ڪندي اسيمبلي ميمبرن ۽ عمران خان جا پتلا ساڙيندي،هڪ ٻئي ٺهراءَ ۾ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سرائيڪي صوبو ٺهڻ تائين چولستان جي زمينن جي الاٽمينٽ کي ملتوي ڪيو وڃي ڇو ته غير ملڪي ماڻهو اڳ به ادارن ۾ پنهنجي اثر رسوخ جي بنياد تي جعلسازي جي بنياد تي زمينون الاٽ ڪري چڪا آهن، هڪ ٻي قرارداد ۾ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته خواجه فريد يونيورسٽي رحيم يار خان جي زمينن کي پنجابي آبادگارن ۽ قبضا مافيا کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، شاگردن کي فيس جي ادائيگي ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ پڻ چيو ويو،اجلاس ۾ مرڪزي چيف آرگنائيزر احمد نواز سومرو،سينئر نائب صدر علامه اقبال وسيم،رياض کهرل،رئيس مدني چاچڙ،عذير خان لنگاهه،اعجاز الرحمٰن،مظهر سعيد گوپانگ،ارشد رحماڻي،قمر سرائيڪو،غلام مصطفي شاڪر،محمد حسين خان جتوئي،ذوالفقار گبول،عبدالقيوم شاڪر  خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.