برساتن جو نئون سسٽم بلوچستان ۾ داخل، زيارت ۾ برفباري

ڪراچي(رپورٽر)موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته  برساتن جو نئون سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي،اتر بلوچستان کان ملڪ ۾ ايندڙبرساتن جي نئين سسٽم سبب اڄ کان 7 جنوري تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي ، هوڏانهن ملڪ جي اترين علائقن ۾ برفباري ۽ برسات جو سلسلو جاري آهي، پاراچنار ۾ برفباري جا حسين منظر آهن، زيارت ۽ آسپاس ۾ به برفباري ٿي، اسڪردو ۾ رستا بند ٿي ويا، قلات، چمن ۽ ٻين علائقن ۾ وڏي برسات پئي، زيارت، سنجاوي ۽ ڀرپاسي برفباري جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جڏهن ته ڪوئٽا ۾ رات دير سان گجگوڙ سان مينهن جو سلسلو جاري رهيو. موسميات کاتي مطابق برسات وسڻ وارو نئون سلسلو سومر کان اربع تائين جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.