جماعت اسلامي مڪاني ترميمي بل هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان لوڪل گورنمينٽ ترميم ايڪٽ 2021ع کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيوآهي. درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي ڌرٺاهيندي درخواست گذار چيو ته سنڌ حڪومت پاران 11 ڊسمبر 2021 تي پاس ڪيل نئون لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ غير قانوني آهي. نئون لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ آئين جي آرٽيڪل 140 اي جي ڀڃڪڙي آهي،درخواستگذار وڌيڪ چيو ته آئين ۾ اختيار لوڪل سطح تي منتقل ڪرڻا آهن پرسنڌ حڪومت سمورا اختيار پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي . سنڌ حڪومت اڪثريت جي بنياد تي قانون پاس ڪري ڪراچي سميت سنڌ جي شهرين سان زيادتي ڪري رهي آهي .عدالت کان استدعا آهي ته  سنڌ حڪومت کي نئون لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ کان روڪيو وڃي. جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان سنڌهاءِڪورٽ جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ غير آئيني آهي. اڪثريت هجڻ جي باوجود حڪمرامن آئين جي ڀڃڪڙي نٿا ڪري سگهن. ڪراچي کي لوڪل گورنمينٽ جو درجو ملڻ گهرجي.ڪرپشن ۽ لساني بنيادن تي قبضا شروع ڪيا ويا . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.