مڪاني بل تي اپوزيشن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تھ سنڌ جي اطلاعات واري وزير جو لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ بابت بيان حقيقت جي ابتڙ ۽ سراسر ڪوڙ آهي، بلدياتي ترميمي بل جي مسودي تي نه اپوزيشن سان مشاورت ڪئي وئي ۽ نه ئي اپوزيشن کي ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو هن سعيد غني کي مخاطب ٿيندي چيو تھ توهان جي دور حڪومت ۾ 20 ارب روپين جي ڪڻڪ توهان جا ڪوئا کائي ويا جڏهن ته خوراڪ کاتي ۾ بچل راهوپوٽو سسٽم تحت اربين روپين جي ڪڻڪ بوگس چيڪن تي جاري ڪئي ويئي جنهن سبب کاتو بئنڪن جو قرضي ٿي ويو هن چيو ته سعيد غني کي گذريل ڏينهن کان ڪوئا ياد اچي رهيا هئا پر جيڪڏهن سندس ”مڪي ماؤس“ ابڙو پڪڙجي ويو ته سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون. حليم عادل چيو ته سعيد غني کي ڊس انفارميشن وارو وزير هجڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.