اويڪيو ٽرسٽ زمين الاٽمينٽ بابت ايف آءِ اي انڪوائري روڪڻ کان انڪار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اويڪيو ٽرسٽ جي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي حوالي سان ايف آءِ اي جي طلبي جي خلاف لائن پرائيويٽ لميٽڊ سميت ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ايف آءِ اي ۽ وفاقي حڪومت کي 7 جنوري جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت جو ايف آءِ اي جي انڪوائري کي معطل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سنڌهاءِڪورٽ سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي .درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته اسان انڪوائري معطل ڪرڻ جي استدعا نه ڪئي آهي ايف آءِ اي کي حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي .عدالت چيو ته انڪوائري جي حوالي سان سوال ڪرڻ هراسان جي زمري ۾ نٿو اچي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.