گاڏي کسڻ جي ڪوشش، ڇا هي آهي عمران جو نئون پاڪستان: ريحام خان

اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم عمران خان جي اڳوڻي زال ۽ پاڪستان ڄائي برطانوي براڊ ڪاسٽر ريحام خان  پنهنجي گاڏي تي فائرنگ ۽ گن پوائنٽ تي گاڏي کسجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ريحام خان لکيو ته ويجهي عزيز جي شادي تان واپسي تي مون مٿان فائرنگ ڪئي وئي ۽  2 موٽر سائيڪل سوار هٿياربند مون کان گاڏي به کسي ويا. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوال ڪيو ته ڇا هي عمران خان جو نئون پاڪستان آهي؟، بزدل، لالچي ۽ ٺڳن کي  رياست ۾ ڀليڪار. هڪ ٻيو ٽوئيٽ جاري ڪندي ريحام خان لکيو ته مون کي موت ۽ زخمي ٿيڻ جو ڊپ ناهي، پر  آئون انهن ماڻهن جي لاءِ ڪاوڙ ۾ ۽ خوف ۾ ورتل آهيان جيڪي منهنجي لاءِ ڪم ڪن ٿا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.