ڪراچي کي جهٽڪو، بجلي 5 رپيا مهانگي ڪرڻ جي درخواست

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي-اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ هلندڙ مالي سال جي پهرين 3 ماهي ۾ ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 80 مهانگي جڏهن ته نومبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 75 پيسا في يونٽ سستي ٿيڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته 23 ڊسمبر تي ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سان فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز تحت بجلي اگهن ۾ 5 رپيا 50 پيسا واڌ ڪرڻ جي اجازت گھري هئي.ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ کان سيپٽمبر لاءِ 5 رپيا 18 پيسا ۽ نومبر لاءِ 32 پيسا واڌ جي درخواست ڏني هئي.جنهن تي ٻڌڻي ڪندي نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ جاري ڪيو ويندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.