سعودي عرب ۾ برفباري،شديد برسات، افغانستان ۾ به ٻوڏ

رياض(م ڊ) سعودي عرب جي اتراولهندي شهر تبوڪ ۾ سال جي پهرين ڏينهن ڪافي برفباري ٿي آهي، ان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي/ گهڻي شيئر ڪئي پئي وڃي، ڪوهه اللوز تي ماڻهو برفباري مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، سعودي عرب جي سرڪاري خابرو ايجنسي ايس پي اي برف جي چادر ڍڪيل ڪارن جون تصويرون شايع ڪيون آهن، جڏهن ته سعودي عرب جي اترين علائقن ۾ شديد برسات بعد ٻوڏ جي وهڪري ۾ هڪ ڄڻو لڙهي ويو، بلقرن ڪمشنري ۾ شديد برسات کانپوءِ ٻهراڙي وارا علائقا ٻڏي ويا،عسير، جازان، تبوڪ، رياض سميت اولهندي ريجن ۾ اڄ به برسات جو امڪان آهي، هوڏانهن ايران ۽ افغانستان ۾ به برساتن بعد ٻوڏ واري صورتحال آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.