لطيف يونيورسٽي جي اغوا ڄاڻايل ملازم جي گرفتاري ظاهر

خيرپور (ڊر +س ر) گذريل ڏينهن شاه لطيف يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ سيڪشن جو ملازم سکر مان اغوا ڄاڻايل ملازم جي ايف آءِ اي وارن گرفتاري ظاهري ڪري مٿس سائيبر ڪرائم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو،هن سلسلي ۾ شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي ٽرانسپورٽ سيڪشن جو ملازم ۽ خيرپور جي ڳوٺ بگرو جو رهواسي حاڪم علي ڦلپوٽو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي پروفيسر امير چانڊيو جي پٽ جي شادي سکر ڏانهن ويوهو، جتان ايف آءِ اي جي ٽيم ملازم کي کڻي گم ڪري ڇڏيو هو،جنهن جي گرفتاري ظاهري ڪندي ڄاڻايو آهي ته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي صدر قلندر بخش بوزدار دخواست ڪئي هئي ته حاڪم ڦلپوٽو ۽ ٻين سوشل ميڊيا تي غلط پوسٽون رکي هن ساک خراب ڪري رهيا آهن،جنهن ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي وڃي، ٻئي طرف قلندربخش بوزدار رابطوڪرڻ تي ٻڌايو ته حاڪم ڦلپوٽو منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي غلط پوسٽون رکي رهيو هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.