خيرپور ۾ يوريا ڀاڻ ناياب ٿي ويو، آبادگار سراپا احتجاج، ٽائرن کي باهيون

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+ شاهدنوازسيال ) خيرپور ضلعي جي اٺن ئي تعلقن نارو ، فيض گنج ، ٺري ميرواهه ، گمبٽ ، سوڀوديرو ، ڪينگري ، ڪوٽڏيجي سميت مختلف علائقن  فقير آباد ٺيڙھي ، ٻٻرلوء ڳاڙھي موري ۾ يوريا ڪلر ڀاڻ ناياب بڻجي ويو آھي هن سلسلي ۾ خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن گمبٽ ، پنجهٽي لڳ خيرپور ، فقير آباد ۽ ٻين علائقن  ۾ آبادگارن  ڌرڻا هڻي ،روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرا ڪيا مظاهرين ۾ شريڪ آبادگارن عبدالحفيظ ميتلو اميد علي ڄامڙو ، قلندربخش جوڻيجو   ۽  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  يوريا ڪلر ڀاڻ جي ڊيلرن ضلعي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ضلعي ۾ ڪلر ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آھي جڏهن ته يوريا ڪلر ڀاڻ بليڪ ريٽ تي في ٻوري 1800 بدران 3000 هزار روپيه کان وڌيڪ جي من پسند اگهه تي وافر مقدار ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.