ملير ۾ فيڪٽري جي ٽئنڪ ۾ صفائي دوران 5 پورهيت فوت، 2 بيهوش

ملير (رپورٽ:جميل چانڊيو) ڄام ڪنڊو ويجهو ڪيميڪل جي فيڪٽري ۾ ٽينڪ جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 5 پورهيت فوت 2 بيهوش خبر موجب ڄام ڪنڊو ويجهو ڪيميڪل فائيو آرٽسٽڪ فيڪٽري ۾ ڪيميل جي ٽينڪ جي صفائي دوران پنج پورهيت ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته فوتين ٿيندڙ پورهيتن جي سڃاڻپ غلام حسين، شيراز خاصخيلي، عمران، شهريار، عمر شامل آهن، جڏهن ٻه پورهيت بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتي پورهيتن جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي، فوت ٿيل پورهيتن جو تعلق ڄام ڪنڊو، شيدي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن سان ٻڌايو وڃي ٿو، ٻئي طرف سماجي اڳواڻ ۽ خاصخيلي جماعت جي مرڪزي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي علائقي جي فيڪٽرين ۾ پورهيتن لاءِ سيفٽي جون سهولتون موجود نه آهن جنهن سبب غريب پورهيت روز حادثن جو شڪار بڻجي رهيا آهن، فيڪٽري مالڪن کان ڪوبه پڇاڻو نه ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت کي هن واقعي جو نوٽس وٺڻ گهرجي، ان موقعي تي واقعي واري هنڌ صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو پهچي واقعي جو جائزو ورتو ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.