سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جي کوٽ، وزيراعظم پاران افغانستان اسمگلنگ روڪڻ جي هدايت

اسلام آباد (م ڊ)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڀاڻ جي کوٽ سبب آبادگار پريشان آهن، بهاولپور جي علائقي خيرپور ٽاميوالي ۾ آبادگارن احتجاج ڪندي حڪومت خلاف نعرا هنيا، بکر ضلعر ۾ يوريا ڀاڻ جو بحران برقرار آهي،ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل متاثر ٿيڻ لڳا،ٻئي پاسي پريشان آبادگار سوشل ميڊيا تي مختلف انداز ڪري ويٺل آهن، جن جون وڊيوز به وائرل ٿي رهيون آهن وزيراعظم عمران خان سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي غير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، اها هدايت هن سومر تي پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ زرعي بهتري جي منصوبي تي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هن چيو ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپاري پئماني تي زيتون جي ڪاشت ۽ جهينگن جي فارمنگ وقت جي اهم ضرورت آهي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوريا جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙ ماڻهن خلاف انتظامي قدم کنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.