چين ۾ حادثو، 8 ماڻهو اجل جو شڪار، 19 زخمي

بيجنگ (م ڊ) چين جي صوبي سيچوان ۾ مني بس ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 19 زخمي ٿي پيا. چيني خابرو اداري موجب مقامي پوليس ٻڌايو ته ڏکڻ اولهه واري صوبي سيچوان ۾ مني بس ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 19 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

  • ڪراچي ۾ اومي ڪرون جهنگ جي باهه جيان پکڙجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اومي ڪرون تيزي سان پکڙجڻ لڳو. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جي پنجين لهر جي شروعات ڪراچي کان ٿي چڪي آهي. وفاقي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا جو اومي ڪرون قسم جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي رهيو آهي. اختيارين موجب ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي ڪيسن جي هاڪاري شرح 7 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ويڪسينيشن جي شرح رڳو 40 سيڪڙو آهي جنهن سبب ڪيس وڌي رهيا آهن. صحت ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر لاهور جو آهي . ڊاڪٽر فيصل سلطان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪيس روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي ته اومي ڪرون قسم گھٽ خطرناڪ آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.