هندو ياترين جي قومي اسيمبلي ۾ آجيان، ڀارت سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا: اسد قيصر

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر دنيا جي مختلف ملڪن مان پاڪستان جي دوري تي آيل هندو ياترين جي وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اسان چاهيون ٿا ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي انساني حقن ۽ مذهبي آزادي حاصل هجي، اميد آهي ته هندو ڪميونٽي ان جي لاءِ آواز اٿاريندي،پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ هندو ياترين جي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته  پاڪستان ڀارت سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو

  • ملڪ ۾ موٽرسائيڪل ۽ ٿري ويلرز جي پيداوار ۽ وڪري ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ موٽرسائيڪل ۽ ٿري ويلرز جي پيداوار ۽ وڪري ۾ جاري مالي سال دوران گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. وفاقي شمارياتي اداري جي انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي شروعاتي پنجن مهينن ۾ ملڪ ۾ 797245 يونٽس موٽرسائيڪل ۽ ٿري ويلرز جي پيداوار ۽ 795842 يونٽس جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.