ميرپور بٺوري ڀرسان نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ميرپوربٺورو (شوڪت سومرو )ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ گولو خان زئور  ۾ سترهن سالا نوجوان محمد اسلم زئور ولد مرحوم عباس زئور پنهنجي مال جي واڙي ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي ان حوالي سان سندس سئوٽ  حاجي زئور ٻڌايو ته اھڙي ڪا به  ڳالھ نه هئي  پاڻ گھر جي ڪم ۾ مصروف ھو ان دوران ھي گھر مان نڪري مال جي واڙي ۾ وڃي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن کي فوري طور بٺورو اسپتال پھچايو ويو جتي سندس موت جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو

  • نيو ڪراچي ۾ ٽوال فيڪٽري کي باهه،گودام تباهه

ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي نيوڪراچي  صنعتي ايريا صبا سينيما جي ويجهو پريميئر ٽوال فيڪٽري ۾ باھ لڳي وئي باھ لڳڻ سبب لکين رپين جو سامان ڌاڳو ۽ گودام سڙي ويو واقعي بعد فائير برگيڊ 3 ڪلاڪن ۾ باھ کي وسايو  فائر برگيڊ انچارج  عارف منصوري موجب  ٽئين درجي جي باھ هئي جنهن جي ڪري پوري شهر جي فائر برگيڊ جون گاڏيون طلب ڪيون ويون 14 فائر برگيڊ گاڏين باھ وسائي ۾ اتي بيٺل گاڏين کي سڙڻ کان بچائي ورتو فيڪٽري ۾ باھ وسائڻ لاءِ ڪو انتظام ٿيل نه هو گودام ۾ ڌاڳن جا ٻورا رکيل هئا اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز نفري پهچي وئي ۾ انهن ريسڪيو ٽيمن سان گڏجي امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.