سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو آهي، ڪا مقدس ڳئون ناهي:شوڪت ترين

اسلام آباد (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پائيدار ملڪي ترقي ۽ ناڻي اوسر لاءِ ايندڙ 6 سالن ۾ جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي وصولي کي 20 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪس انتظاميه ۽ ٽيڪس جي نظام ۾ هڪجهڙائي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ٽيڪس سال 2019ع لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن جي ٽيڪس ڊائريڪٽري جاري ڪرڻ جي موقعي تي رٿيل خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته  جڏهن قوم کي پروڙ پوندي ته پارليامينٽ جا ميمبر شفاف طريقي سان ٽيڪس ادا ڪندا آهن ته شهري پڻ ان جذبي سان ٽيڪس ادا ڪندا. ان سان ٽيڪس جي پوري نظام ۾ شفافيت ايندي. ماضي ۾ جنهن کي به موقعو مليو اهو ٽيڪس کي لڪائيندو رهيو، هن چيو ته پهريون ڀيرو نادرا سان ملي مصنوعي ذهانت جي استعمال ذريعي ٽيڪس گذارن جي حقيقي آمدني جو اندازو لڳايو پيو وڃي. جنوري ۾ ان حوالي سان ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا. جڏهن ته ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته ان ۾ هراساني نه ٿيندي، ڪا به مقدس ڳئون نه هئڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.