طالبان افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار اکيڙي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وچ ايشيائي ملڪن سان گڏ اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي ماپي ۾ اضافي لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار اکيڙڻ ۽ معاملي کي اڀارڻ جا ذميوار ڪجهه عنصر آهن، ڪنڊيدار تار لڳائڻ جي حوالي سان ڪجهه مونجهارا آهن پر ان معاملي تي افغان حڪومت سان ڳالهيون ٿين پيون، ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن جنهن ۾ طالبان کي پاڪ افغان سرحد تي لڳل ڪنڊيدار تار جي هڪ حصي کي اکيڙيندي ڏسي سگهجي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.