مستقبل ۾ مادري ٻولين ۾ ڪتابن جي کپت گهٽ ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي (اي پي پي+رپورٽر) والدين پاران پنهنجي ٻارن کي انگريزي ميڊيم ۾ پڙهائڻ سبب ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اردو ۽ انگريزي ڪتابن جي خريداري جو لاڙو گهٽجي ويندو. ڪتابن جي عالمي نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ پبلشرن ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ڇپجندڙ مادري زبانن جي ڪتابن جي کپت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽجي سگهي ٿي، نئون نسل انگريزي ڪتابن جي ڊمانڊ ڪري ٿو. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 16 هين ڪراچي انٽرنيشنل بوڪ فيئر سومر ڏينهن پڄاڻي کي پهتو. نمائش گذريل 4 ڏينهن ڏهاڙن کان ڪاميابي سان جاري رهي. خاص طور تي آچر واري ڏينهن يعني نمائش جي چوٿين ڏينهن بي پناه رش هئي هڪ محتاط اندازي موج آچر واري ڏينهن هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن ڪتابن جي هن عالمي ميلي جو دورو ڪيو. سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت عبدالرحيم سومرو ،ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشن سنڌ جي رجسٽرار فريعه جاويد، مختلف ضلعن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن سوڌو سياسي ،ادبي ،مذهبي ۽ سماجي شخصيتن کان علاوه پرڏيهي سفارتڪار به نمائش جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت عبدالرحيم سومرو ميڊيا وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪتابن جي ميلي جهڙيون سرگرميون نوجوانن ۾ شدت پسندي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. بوڪ فيئر جي ترجمان عابد زبير چيو ته ڪتابن جو بهترين وڪرو ٿيو ۽ ڪتابن جو نئون اسٽاڪ گهرائڻو پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.