ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر تيزي سان پکڙجي پئي: اين سي او سي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق ڪندي وبا کي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي،اين سي او سي جو اجلاس وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال ۽ صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان پڻ شرڪت ڪئي،اين سي او سي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا جي پنجين لهر اومي ڪرون تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ گذريل ٽن ڏينهن کان ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي،اين سي او سي موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو کان وڌي 6 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ اومي ڪرون ۾ متاثر مريضن جو انگ 54 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.