لاپتا ماڻهن بابت بل سينيٽ ويندي ويندي ”گم“

اسلام آباد (م ڊ) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته پاڪستان ۾ مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ جديد قانونن سان هڪ ڌار مڪمل وزارت جو هئڻ لازمي آهي. گذريل ڏينهن انساني حقن واري وزارت جي انتظام هيٺ ميڊيا سان آگاهي بابت ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ مزدورن جي قانون بابت صوبن وچ ۾ گڏيل رابطن جا مسئلا سامهون آيا آهن. قانون تي عملدرآمد لاءِ رياست کي انتهاپسندي خلاف سخت رد عمل ڏيڻو پوندوهن چيو ته پاڪستان ۾ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي،هن چيو ته لاپتا ماڻهن بابت بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿي ويو هو، خبر ناهي سينيٽ ويندي ويندي رستي ۾ ڪٿي گم ٿي ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.