سنڌ ۾ اومي ڪرون جا 175 هاڪاري ڪيس سامهون آيا: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت صوبي ۾ اومي ڪرون جي پکڙجڻ جو پتو لڳائڻ لاءِ 351 ٽيسٽون ڪيون جن مان اومي ڪرون جا 175 مثبت ڪيس سامهون آيا جيڪي ڊيلٽا ۽ ٻين قسمن کان علاوه ٽيسٽن جو 50 سيڪڙو آهن. اها ڳالهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چئي وئي. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صحت وارو پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو، قائم مقام چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه، انڊس اسپتال جو ڊاڪٽرن اري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي،جلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته 30 ڏينهن ۾ 3 ڊسمبر 2021 کان 2 جنوري 2022 تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌڻ شروع ٿيو آهي. 3 ڊسمبر 2021 تي 261 نوان ڪيس سامهون آيا جيڪي وڌندا رهيا ۽ آخرڪار 2 جنوري 2022 تي انگ 403 تائين پهچي ويو. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. هن صحت کاتي تي زور ڀريو ته صوبي ۾ ويڪسينيشن مهم شروع ڪئي وڃي ۽ ٽيسٽ جي شرح کي وڌايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.