اڏيرولعل ۽ راهوڪي شاخن جي کاٽي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

 

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو لاڳاپيل آبپاشي عملدارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد برانچ مان اڏيرو لعل ۽ راهوڪي شاخ جي جلد کان جلد کاٽي جو ڪم ۽ ٻين پاڻي جي معاملن جي حل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن راهوڪي شاخ جي هارين کي روزاني بنيادن تي زرعي پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائي سگھجي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن ڪالهه سينٽرل آبادگار ايسوسيئيشن راهوڪي شاخ جي  صدر محمد حنيف نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات  دوران ڪيو.  وفد آبپاشي واري صوبائي وزير کي راهوڪي شاخ تي کاٽي ۽ ٻين درپيش مسئلن جي حوالي سان آگاھ ڪيو. .

 

 

  • هيلٿ ڪارڊ خانگي اسپتالن کي نوازڻ جو ذريعو آهي: مرتضيٰ وهاب

    ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ حڪومت جي ترجمان۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  سنڌ ۾

ڪورونا ڪيس ٻيهر تيزي سان وڌن پيا، اومي ڪرون وائرس کان بچڻ جو واحد طريقو ماسڪ ۽ ويڪسينيشن آهي، شهري احتياط ڪن اسان سخت قدم کڻڻ نٿا چاهيون، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪيمٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال تي ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس  ڪيو،  جنهن ۾ اوميگا 3 وائرس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ مستقبل جي منصوبابندي  ڪئي وئي، هن وڌيڪ چيو ته هيلٿ ڪارڊ وڏو اسڪينڊل آهي حڪومت جو ڪم اسپتالن کي موثر طريقي سان هلائڻ آهي ۽ هي هيلٿ ڪارڊ آڻڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پي ٽي آءِ سرڪاري اسپتالن کي ٺيڪ نه ڪري سگهي آهي، مان سوال ڪريان ٿو ته جيڪڏهن اهي پئسا سرڪاري اسپتالن تي خرچ ڪريو ته ماڻهو پرائيويٽ اسپتالن جو رخ ڇو ڪندا آهن پر توهان جي دلچسپي انهن جي اي ٽي ايم کي نوازڻ آهي،هن چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو اسان تي الزام مڙهي رهيا آهن سنڌ ۾ صحت ڪارڊ جاري نه ڪيا ويا ڇو ته اسان جي اسپتالن ۾ شهرين جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.