چيف جسٽس گلزار احمد سان هندو ياترين جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس گلزار احمد سان ڪرڪ ۾ تيري مندر جي دوري تي آيل مختلف ملڪن جي هندو ياترين جي وفد هتي سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي،چيف جسٽس هندو ياترين جي وفد جي آجيان ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي برداشت آهي، پاڪستان ۾ هر شهري کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي، ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪرڪ ۾ تيري مندر جي بحالي لاءِ چيف جسٽس گلزار احمد جي قدمن جي به واکاڻ ڪئي. وفد ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ تي چيف جسٽس جا ٿورا مڃيا.

  • سنڌ  ۾  ڪورونا وائرس جا نوان 339 ڪيس رپورٽ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس صورتحال بيان ڪندي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 339 نوان ڪيس سامهون آيا جڏهن ته 33 ڄڻا صحتياب ٿيا ۽ ڪابه فوتگي رپورٽ نه ٿي آهي، هن چيو ته هن وقت 6076 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 5880 گهرن ۾، 42 آئسوليشن سينٽرن ۽ 154 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن ٻڌايو ته 148 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.