عمران خان 98 لک، زرداري 22 لک، بلاول 5 لک ، شهباز 82 لک ٽئڪس ڀريو

اسلام آباد (م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس سال 2019ع دوران پارليامينٽ ميمبرن جي ٽيڪس ڊائريڪٽري باضابطا طور تي جاري ڪري ڇڏي آهي. پارليامينٽ ميمبرن جي ٽيڪس ڊائريڪٽري 2019ع ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب وزيراعظم عمران خان سال 2019ع ۾ 98 لک 54 هزار 959 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو. وزيراعظم جي معمول جي آمدني 3 ڪروڙ 89 لک 774 رپيا رهي جڏهن ته زرعي آمدني جو ڪاٿو 23 لک 64 هزار 150 رپيا آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سال 2019ع ۾ 71 لک 42 هزار 9 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سال 2019ع ۾ 5 لک 55 هزار 794 رپين جو انڪم  ۽ ايسوسيئيشن آف پرسن طور اسپيڪر اسد قيصر 14 لک 34 هزار 380 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري 2019ع ۾ هڪ لک 49 هزار 141 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي 13 لک 99 هزار 327 ، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول 5 لک 35 هزار 243 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو جڏهن ته انهي سال سندس معمول جي آمدني 20 لک 92 هزار رپيا رهي، سندس زرعي آمدني 2 ڪروڙ 96 لک 66 هزار 667 رپيا رهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٽيڪس سال 2019ع ۾ 22 لک 18 هزار 229 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو، سندس معمول جي آمدني 14 ڪروڙ 66 لک 9 هزار رپيا رهي جڏهن ته سندس زرعي آمدني 13 ڪروڙ 60 لک 48 هزار 900 رپيا رهي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هڪ لک 36 هزار 808 ، مملڪتي وزير فرخ حبيب 4 لک 5 هزار 477 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو . ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق ٽيڪس ڊائريڪٽري جاري ڪرڻ جي موقعي تي ٻڌايو ته پارليامينٽ ميمبرن جي ٽيڪس جي حوالي سان انگ اکر غلط هجڻ جي صورت ۾ ان جي تصحيح ٿي سگهي ٿي. يوسف رضا گيلاني ٽئڪس نه ڏنو. تفصيلن موجب عمران جي ملڪيت ۾ واڌ ٿي، شهباز شريف جي ملڪيت ۾ گهٽتائي ٿي. اسد عمر 42 لک ٽئڪس ڏنو، شيخ رشيد 5 لک 57 هزار ۽ ڊپٽي اسپيڪرڏيڍ لک رپيا جمع ڪرايا. 03

  • نجيب هارون سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس ڏيندڙ، 14 ڪروڙ جمع ڪرايا

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ ايم اين اي ٽئڪس ڏيڻ ۾ سڀني پارليامينٽرين کان گوءِ کڻي ويو. اين اي 256  تان چونڊيل  نجيب هارون 14 ڪروڙ 7 لک رپيا ٽئڪس ادا ڪيو. ٻئين نمبر تي سينيٽر طلحه محمود 3 ڪروڙ 22 لک رپيا ٽئڪس ڏنو. رحيم يار خان واسي ايم پي اي 2 ڪروڙ 96 لک رپيا ادا ڪري ٽئين نمبر تي رهيو. 03

  • ايم پي اي علي غلام اڍائي سئو ۽ متحده جي خالدا جا 315 رپيا!

اسلام آباد: ٽئڪس ڊائريڪٽري ۾ دلچسپ انڪشاف سامهون آيا آهن. سانگهِڙ جي ايم پي اي علي غلام نظاماڻيانڪم ٽئڪس جي مد ۾ صرف اڍائي سئو رپيا ادا ڪيا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيٽر خالده طيب ٽئڪس ذريعي صرف 315 رپيا ادا ڪيا.  دوست محمد مزاري ۽ محسن لغاري هڪ هڪ هزار ٽئڪس ڏنو.0

  • وزيراعظم جي آمدني وڌڻ تي جاچ ٿيڻ گهرجي: جاويد لطيف

اسلام آباد(م  ڊ) ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته وزيراعظم 98 لک رپين جو ٽيڪس ڏنو، آمدني جو معاملو غور طلب آهي، ٽيڪس قانون ۾ سڌارا ضروري آهن، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي مٿان ”ڇٽي“ اڃا ناهي هٽي، اياز صادق جيڪو چيو اها بدقسمتي آهي، اسان چاهيون ٿا ته حڪومت تان ڇٽي نڪري وڃي، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن جي آمدني جي جاچ ٿيڻ گهرجي،

  • قومي اسيمبلي جي 102 ۽ سينيٽ جي 17 ميمبرن تفصيل نه ڏنا

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي سياست جي وڏن نالن ۽ پارليامينٽ ميمبرن تي معطلي جي تلوار لٽڪڻ لڳي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مطابق پارليامينٽ ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي اثاثن جي تفصيل جمع ڪرائڻ جي ڊيڊلائن ختم ٿي وئي، اي سي پي مطابق تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي رڪنيت 16 جنوري تي معطل ڪئي ويندي، رپورٽ مطابق قومي اسيمبلي جي 342 ميمبرن مان 240 اي سي پي ۾ اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جڏهن ته 102 اڃا تائين ايئن نه ڪري سگهيا، سينيٽ ۾ 83 ميمبرن اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته 17 ميمبرن تفصيل جمع نه ڪرايا آهن، رپورٽ مطابق پنجاب اسيمبلي جي 127، سنڌ جي 31، خيبرپختونخوا جي 40 ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 14 ميمبرن تفصيل جمع نه ڪرايا آهن، جن سينيٽرن تفصيل جمع نه ڪرايا انهن ۾ پ پ جو رضا رباني، مولابخش چانڊيو، تاج حيدر، وفاقي وزير فروغ نسيم، ن ليگي اڳواڻ مصدق ملڪ، انوار الحق ڪاڪڙ، محمد علي شاهه ڄاموٽ، سڪندر مينڌرو، سيف الله ابڙو، انور لال دين شامل آهن.

  • مراد شاهه 10 لک، بوزدار صرف 2 هزار رپيا ٽئڪس ڏنو

اسلام آباد: ايف بي آر موجب پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سال 2019ع ۾ 2 هزار رپين جو انڪم ٽيڪس ڏنوسنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 10 لک 99 هزار 758 رپين، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير وزير 66 هزار 258 رپيا ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو 10 لک 61 هزار 777 رپين جو ٽيڪس ڏنو. اسلام آباد (م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس سال 2019ع جي انگن اکرن موجب پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ٽيڪس سال 2019ع ۾ 2 هزار رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو، آمدني 9 لک 38 هزار 858  رپيا ۽ سندس زرعي آمدني 80 هزار رپيا آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سال 2019ع ۾ 10 لک 99 هزار 758 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو. ٽيڪس سال 2019ع ۾ سندس آمدني 2 ڪروڙ 47 لک 33 هزار 102 رپيا جڏهن ته سندس زرعي آمدني 2 ڪروڙ 42 لک 31 هزار 425 رپيا رهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ٽيڪس سال 2019ع ۾ ڪل 66 هزار 258 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو جڏهن ته انهي سال سندس معمول جي آمدني 25 لک 8 هزار 386 رپيا رهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ٽيڪس سال 2019ع ۾ 10 لک 61 هزار 777 رپين جو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو جڏهن ته انهي سال سندس معمول جي آمدني 79 لک 58 هزار 885 رپيا هئي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.