چلي ۾ سوشلسٽ صدر جي ڪاميابي پاڪستان جي کاٻي ڌر لاءِ اتساهه، بحث شروع

اسلام آباد/سانتياگو(م ڊ) لاطيني آمريڪا جي ملڪ چلي جي عوام تازو 35 سالن جي کاٻي ڌر جي شاگرد اڳواڻ کي وڏي اڪثريت سان ملڪ جو صدر چونڊيو آهي، گيبريئل بورڪ کي ساڄي ڌر جي پارٽين جي اتحاد جي اميدوار جي مقابلي ۾ 10 لک وڌيڪ ووٽ ورتا، چلي سميت لاطيني آمريڪا جي کاٻي ڌر جون تحريڪون هن وقت سڄي دنيا ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪن لاءِ اتساهه جو وڏو ذريعو آهن، تازو ئي ترڪي جي اپوزيشن چلي ۾ بورڪ جي حڪمت عملي کي پنهنجي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو آهي، بي بي سي مطابق پاڪستان جي کاٻي ڌر جي نوجوانن ۾ به اهڙا ئي بحث مباحثا ٿي رهيا آهن، هاڻي پاڪستان ۾ به ان موضوع تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ڇا پاڪستان ۾ گيبريئل بورڪ جهڙو اڳواڻ اڀري سگهي ٿو، جيڪڏهن نه ته ڪهڙو سبب آهي، ڇا پاڪستان جو مذهبي رجحان هڪ رڪاوٽ آهي، ناليواري تاريخدان ڊاڪٽر عائشه جلال چيو ته جيڪڏهن توهان هڪ تاريخدان سان ڳالهائيندا ته مان چوندس ته ڪڏهن حالتون هڪ جهڙيون نٿيون رهن، هن وقت اسان نيولبرل ازم جي انتهائي پستي ڏانهن وڃي سگهن ٿا، هن وقت وبا ۽ ان کان بدتر حالتن جي ڪري اسان هڪ اخلاقي بحران جو شڪار آهيون، مون کي اميد آهي ته کاٻي ڌر جي واپسي ٿيندي، پر انهن کي به پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي، زماني سان گڏ هلڻ گهرجي، هن چيو ته 1950ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا سوشلزم کي ڪميونزم سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ پوءِ انهن کي سختي سان چٿي ڇڏيو پر برني سينڊرز ۽ ايلزبيٿ وارن جهڙا ماڻهو ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي کاٻي ڌر ڏانهن کڻي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، برطانيا ۾ ڏسو جيرمي ڪوربن ڪيئن آيو، بيڪن نيشنل يونيورسٽي جي استاد ڊاڪٽر فاروق سلهيريا چيو ته لاطيني آمريڪا ۾ تبديلي جو عمل رڳو چلي تائين محدود ناهي، هن سال ئي پيرو ۾ هڪ نوجوان سوشلسٽ اسڪول ٽيچر صدر چونڊجي ويو،هن چيو ته اسان جي خطي ۾ حالتون ان جي ابتڙ آهن، نيپال کانسواءِ هر هنڌ مذهبي جنونيت پکڙجي چڪي آهي، اسان وٽ به نوجوان قيادت اڀري آهي، منظور پشتين، محسن داوڙ، عمار علي جان، علي وزير، جليله حيدر، عاليه حيدر جهڙا ڪجهه اهم نالا کڻي سگهجن ٿا، پر اهي به قومي سطح تي ماڻهن کي متحرڪ نه ڪري سگهيا آهن، هن چيو ته وڌيڪ خدشو ان ڳالهه جو آهي ته ايندڙ امڪاني عوامي تحريڪ جي قيادت مذهبي جنوني قوتون ڪنديون، چلي ۾ 30 سالن کان جمهوري عمل تسلسل سان هلندو پيو اچي، اتي شاگرد يونين تي پابندي ناهي، بلوچستان سان تعلق رکندڙ کاٻي ڌر جي اڳواڻ جليله حيدر ايڊووڪيٽ چيو ته گيبريئل جي ڪاميابي کاٻي ڌر جي سياست جي نئين سر اڀرڻ ڏانهن هڪ اڳڀرائي آهي، اها سڄي دنيا جي کاٻي ڌر جي سياست سان جڙيل ماڻهن لاءِ هڪ اميد به آهي، پيغام به ته سوشلزم جي سياست تي اڃا به ماڻهو يقين رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۾ گيبريل جهڙي قيادت موجود آهي، کاٻي ڌر جي اڳواڻن کي ٻهراڙين، ڳوٺن ۽ پورهيتن سان رابطن کي وڌيڪ گهرو ۽ تيز ڪرڻو پوندو، 80ع جي ڏهاڪي کان هيل تائين اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي، افغان جهاد جي پيٽرو ڊالر فنڊن جي نتيجي ۾ ڪميونزم خلاف منفي پروپيگنڊا اها گرائونڊ ريئلٽي آهي جنهن جي ڪري کاٻي ڌر جي اديبن، دانشورن ۽ اڳواڻن کي پنهنجي جاءِ بڻائڻ ۾ سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو، شاگرد اڳواڻ بشريٰ مه نور چيو ته اهو تاريخ جو هڪ تمام اهم وقت آهي جنهن ۾ ليفٽ پنهنجي پاڻ کي متحرڪ ڪري، پاڪستان ۾ڪيترن ئي سالن تائين آمريت هئڻ ۽ جمهوريت نه هئڻ سبب کاٻي ڌر جي لاڙي کي چٿيو، جنهن ملڪ ۾ شاگردن تي دهشتگردي جا الزام لڳن، کاٻي ڌر جي اڳواڻن کي گهرن مان کنڀيو وڃي، ڪيترن کي رڳو آواز يا سوال اٿارڻ تي قتل به ڪيو وڃي ته اتي ليفٽ کي قصور وار قرار ڏيڻ غلط ڳالهه هوندي، شاگرد يونين تي پابنديون هٽائڻ سان پاڪستان ۾ سياست تبديل ٿي ويندي، ڊاڪٽر عمار علي جان چيو ته سرمائيداري جو بحران سڄي دنيا ۾ خوفناڪ شڪل اختيار ڪري ويو آهي، جنهن سبب عوام ۾ ڪاوڙ وڌي رهي آهي، اهي ان بحران زده نظام جو متبادل ڳولي رهيا آهن، چلي ۾ سوشلزم شروع کان ئي جمهوريت سان ڳنڍيل رهيو آهي، ليفٽ کي ويهين صدي جي انقلابن تي رٽيل بحثن کان علاوه به پنهنجو ڪو نئون تجزيو عوام آڏو پيش ڪرڻو پوندو، اميد آهي ته انهن ننڍين بغاوتن مان هڪ ڏينهن ڪو هڪ وڏو متبادل نڪرندو، ڊاڪٽر فهد علي چيو ته چلي ۾ معاشي پاليسين سبب معاشري ۾ اقتصادي اڻبرابري ۾ واڌ ٿي، ايستائين جو چلي جا امير ترين هڪ سيڪڙو ماڻهو ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار جي 25 سيڪڙو حصي تي قابض ٿي ويا، گيبريئل جي ڪاميابي ثابت ڪيو ته چلي جي پورهيتن، هارين، نوجوانن، شاگردن ۽ مڊل ڪلاس جي هڪ وڏي حصي نيو لبرل پاليسيون رد ڪري ڇڏيون، گيبريئل 2019-20ع ۾ اقتصادي اڻبرابري خلاف ٿيندڙ مظاهرن ۾ بي پناهه مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو، پاڪستان ۾ نوجوانن کي اهڙا موقعا ميسر ناهن، عوامي ورڪرز پارٽي جي خرم علي چيو ته طبقاتي تضاد ٻيهر تيز ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ جاگيرداراڻو نظام ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سامراجي اثر تحت هلي رهيو آهي، پارليامينٽ تائين پهچڻ ۾ شايد ڪيترن ئي سرن جي قرباني ڏيڻي پوي، هن چيو ته گذريل 10 سالن ۾ کاٻي ڌر جون تنظيمون ٻيهر سرگرم ٿيون آهن، نوجوان قيادت به اڀرندي نظر پئي اچي، جڏهن ظلم ٿيندو، استحصال ٿيندو، غربت بک ٿيندي ته اڄ نه سڀاڻي مزاحمتي تحريڪ به اڀرندي، محسن داوڙ ۽ علي وزير جو چونڊجڻ اسان کي اهو اشارو ڏئي ٿو ته ائين ٿيندو، ڊاڪٽر عاليه حيدر چيو ته پاڪستان ۾ بورڪ جهڙو شاگرد اڳواڻ ان ڪري پيدا نه ٿي سگهيو  ڇو ته جنرل ضيا جي دور کان شاگرد يونين تي پابندي آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن هڪ شاگرد اڀري متبادل قيادت ڏيندو،ورثا پيرزادو چيو ته پاڪستان ۾ اڃا تائين چوڌري، وڏيرا ۽ جاگيردار موجود آهن، سنڌ جو عوام جاگيردارن جي ماتحت آهي، جيستائين جاگيردارن جو اثر رسوخ گهٽ نه ٿيندو تيستائين عوامي ليڊر جو اڀرڻ مشڪل آهي، ڊاڪٽر تيمور رحمان چيو ته بورڪ جي ٻين سوشلسٽ تحريڪن تي تنقيد کاٻي ڌر کي هٿي آهي، مذهبي سياسي قوتون سرمائيداري ۽ سامراج جي معاشي تضادن کي حل نٿيون ڪري سگهن، انهي ڪري پاڪستان ۾ کاٻي ڌر ٻيهر اڀرندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.