”شهباز شريف، نواز شريف جي قرباني جو ٻڪرو قرار“

لاهور( ويب ڊيسڪ ) سينيئر سياستدان اعتزاز احسن شهباز شريف کي نواز شريف جي لاءِ قرباني جو ٻڪرو قرار ڏئي ڇڏيو.

بيريسٽر اعتزاز احسن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته شڪاري ٻڪري کي ٻڌي شينهن کي دعوت ڏيندو آهي، جيئن ئي شينهن ٻڪرو کائڻ ايندو آهي، شڪاري اُن کي پڪڙي وٺندو آهي، ان ڪري نواز شريف اسٽيبلشمنٽ جي لاءِ شهباز شريف کي اڳتي رکيو آهي.

اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف نظرون ڄمائي ويٺو آهي ۽ شهباز شريف کي چارو  وڌو ويو آهي، گولي شڪار کي لڳي يا شهباز کي، نواز شريف کي ڪابه پرواهه ناهي.

اعتزاز احسن موجب ن ليگ ۾ هن وقت تمام گهڻو اختلاف آهي، ته وزير اعظم شهباز شريف ٿيندو يا مريم نواز.

هن چيو ته حڪومت ۾ جيڪڏهن صلاحيت جي کوٽ آهي ته اپوزيشن به اُن جهڙي ئي آهي، نواز شريف ان وقت ڏيهه ايندو، جڏهن کيس قيد کان مڪمل تحفظ ڏنو ويندو،  هو قيد کي برداشت نٿو ڪري سگهي.

اعتزاز احسن دعويٰ ڪئي ته نواز شريف ڊيل ڪرڻ کانسواءِ واپس نه ايندو، پر شريف ڪٽنب سان ڊيل يا اين آر او جو ڪو امڪان ناهي.

هُن وڌيڪ چيو ته عمران خان جو سڀ ڪجهه ان ڳالهه تي لڳل آهي ته شريف ڪٽنب کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڊيل نه ٿي  ته نواز شريف ڪڏهن واپس نه ايندو ۽ آيو ته جيل ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.