ماهرا خان جو مداحن کي نئين سال جو تحفو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان پنهنجي مداحن کي نئي سال جي شروعات ۾ سال جو پهريون تحفو ڏئي ڇڏيو.

اداڪارا جي مداحن جي انتظار جو وقت آخر پڄاڻي تي پهتو، ڇو ته ماهرا جي نئين فلم ” قائد اعظم زندا آباد“ جي ريليز جو اعلان ٿي ويو .

فلم جي پروڊڪشن هائوس فلمان والا پڪچرز مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فلم جو  ٽيزر شيئر ڪندي فلم جي ريليز واري تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

فلم جي پروڊڪشن هائوس پاران ٽوئيٽ ۾ لکيو ويو آهي ته نئي سال جو پهريون تحفو.!

فلم بابت مختصر تفصيل ٻڌائيندي وڌيڪ لکيو ويو آهي ته اوهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ” قائد اعظم  زندا آباد “ ريليز ٿي رهي آهي؟. جي ها، اداڪار فهد مصطفيٰ ۽ اداڪارا ماهرا خان جي فلم، جنهن ۾ هدايتڪار نبيل قريشي ۽ پروڊيوسر فضاءَ آهي، هن سال قرباني واري عيد جي موقعي تي پوري دنيا جي سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.