شام ۾ داعش جو راڪيٽ حملو، 5 فوجي مارجي ويا، 20 زخمي

دمشق (ويب ڊيسڪ) شام ۾ داعش جي راڪيٽ حملن جي نتيجي ۾ پنج فوجي مارجي ويا جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا آهن.

وچ اوڀر ۾ خانه جنگي جو شڪار رياست شام ۾ دهشتگرد تنظيم ”اسلامڪ اسٽيٽ“ يا داعش جي هڪ راڪيٽ حملي ۾ ملڪي فوج جا پنج سپاهي مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن.

سرڪاري ميڊيا موجب اهو راڪيٽ حملو ملڪ جي اوڀر ۾ آچر جي شام جو ڪيو ويو.

واضح رهي ته داعش 2014ع شام ۽ عراق جي وڏن علائقن تي قبضو ڪري اتي پنهنجي نالي ماتر خلافت جو اعلان ڪيو هو. 2019ع ۾ ان دهشتگرد تنظيم جي اثر هيٺ سڀني علائقن تي ڪنٽرول ختم ٿي ويو هو. شام ۽ عراق ۾ داعش طرفان وقفي وقفي سان ان قسم جا حملا هيل تائين جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.