وٽامن ”ڪي“ ۽ دل جي بهتر صحت وچ ۾ واسطو دريافت

سائنسدانن هڪ ڊگھي تحقيق کان پوءِ چيو آهي ته وٽامن ”ڪي“ ۽ دل جي مرضن وچ ۾ نئون واسطو سامهون آيو آهي. جيڪڏهن وٽامن ”ڪي“ سان ڀرپور غذائن جو استعمال جاري رکيو وڃي ته ان سان شريانين جي تنگي جو خطرو 34 سيڪڙو تائين گھٽجي وڃي ٿو.

ان ڏس ۾ ڊينمارڪ ۾ 50 هزار ماڻهن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ اها سروي لاڳيتو 23 سالن تائين جاري رهي.

مطالعي جو مقصد اهو هو ته وٽامن ”ڪي“ ۽ دل جي مرضن يا وري دل جي شريانين ۾ پلاڪ گڏ ٿيڻ ۽ تنگي جو واسطو ڄاڻڻ هو.

وٽامن ”ڪي“ جا ٻه قسم آهن يعني وٽامن ”ڪي“ ون ۽ ”ڪي“ ٽو، ساون پنن وارين ڀاڄين ۽ سائين ڀاڄين جي تيل ۾ وٽامن ”ڪي“ ون هوندي آهي جڏهن ته گوشت، بيضن ۽ پنير وغيره ۾ وٽامن ”ڪي“ ٽو هوندي آهي. هاڻ وٽامن ڪي ون کائيندڙ ماڻهن ۾ شريانين جي تنگي ۽ دل جي عارضي سبب اسپتال وڃڻ جي شرح 21 سيڪڙو تائين گھٽ هوندي آهي.

جڏهن ته وٽامن ”ڪي“ ٽو جو مناسب استعمال انهن بيمارين جو خطرو 14 سيڪڙو تائين گھٽ ڪري سگھي ٿو. ائين ٻنهي قسمن جي وٽامن سبب دل جي مرضن جو خطرو 24 سيڪڙو تائين گھٽ ڪري سگھجي ٿو.

اها تحقيق يونيورسٽي آف ويسٽرن آسٽريليا جي سائنسدانن ڊاڪٽر جيمي بيلينگي ۽ سندس ساٿين ڪئي آهي. هنن موجب وٽامن ”ڪي“ دل کي صحتمند رکي ٿي ۽ شريانين جي اندروني ڀتين تي ڪيلشيئم جي گڏ ٿيڻ کي روڪي ٿي جيڪا پلاڪ جو سبب بڻجي ٿي. ان ڪري وٽامن ”ڪي“ جو باقاعده استعمال گھڻو ضروري آهي.

ماهرن موجب پالڪ، سلاد، بلو بيريز، گوبي، بند گوبي، ڪيوي، ڀينڊي، سائي لوبيا ۽ مرغي ۾ وٽامن ڀرپور مقدار ۾ موجود هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.