سام سنگ جو هڪ ٽي بي اسٽوريج وارو فون آڻڻ جو فيصلو

سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ 1 ٽيرابائٽ (ٽي بي) ميموري رکندڙ فليگ شپ متعارف ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.

چيني ميڊيا جي رپورٽ موجب سام سنگ طرفان هلندڙ سال گيليڪسي ايس 22 الٽرا متعارف ڪرايو ويندو جيڪو ميموري جي اعتبار سان مختلف هوندو.

ايس 22 الٽرا جي پنهنجي ميموري 1 ٽي بي هوندي جڏهن ته ان ۾ ميموري ڪارڊ لاءِ سلاٽ به ڏنو ويندو جنهن جي ذريعي ميموري ۾ اڃا واڌ ڪري سگھبي، جيڪڏهن ريم جي ڳالهه ڪئي وڃي ته فون جي حساب سان اها 12 ۽ 16 جي بي تائين هوندي.

اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته واهپيدارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي سام سنگ انهيءَ ماڊل ۾ 128، 256 ۽ 512 جي وارا فليگ شپ فون به تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن جون قيمتون ميموري ۽ ريم جي اعتبار سان مختلف هونديون.

samsung-1

سام سنگ طرفان ان سيريز جا 3 فون گيليڪسي ايس 22 پلس ۽ ايس 22 الٽرا متعارف ڪرايا ويندا، جن ۾ 8 جنريشن سنيپ ڊراگون چپ پراسيسر لڳل هوندو، جيڪو موبائل جي رفتار کي تيز رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.

ايس 22 سيريز جي ليڪ ٿيل تصوير کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ان سان گڏ واهپيدار جي سهولت لاءِ ٽچ پين به ڏني ويندي. ڪمپني طرفان هيل تائين فون جي قيمت ۽ مارڪيٽ ۾ ان جي دستيابي جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

ان کان اڳ سام سنگ طرفان 2019ع ۾ گيليڪسي ايس10 موبائل متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن جي پنهنجي اسٽوريج 1 ٽي بي هئي جڏهن ته ان ۾ ميموري ڪارڊ لاءِ سلاٽ به فراهم ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.