ن ليگ ايم پي اي تي قاتلاڻي حملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي

لاهور( ويب ڊيسڪ )مسلم ليگ ن پنجاب اسميبلي جي ميمبر بلال ياسين تي قاتلاڻي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته بلال ياسين تي قاتلاڻي حملي بابت ڪيس ۾ 2 اهم ڪردارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب ساجد گرما ۽ محسن بلال ياسين تي فائرنگ جي لاءِ هٿيار فراهم ڪيو، ٻنهي ڄڻن شوٽرز کي بلال ياسين تي فائرنگ ڪرڻ جي لاءِ اماڻيو.

پوليس اختيارين چيو ته ٻنهي ڪردارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون جاري آهن،گرفتاري کانپوءِ واقعي جا ڪارڻ معلوم ٿيندا.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ليگي ايم پي اي بلال ياسين تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو ۽ لاهور جي ميوا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.