اومي ڪرون: سنڌ حڪومت جو لاڪ ڊائون بابت اهم بيان

ڪراچي( ويب ڊسڪ ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اومي ڪرون ڪراچي ۾ اچي چڪو آهي، پر حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، في الحال لاڪ ڊائون جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو، حڪومت نٿي چاهي ته سخت فيصلا ڪيا وڃن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪورونا جو زور ٽٽي ويو ته ماڻهن سوچيو ته ويڪسين ڪرائڻ جي ضرورت ناهي، هيل تائين 29 ملين ماڻهن ويڪسين لڳرائي آهي، اسان جي ٽوٽل آبادي لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ آهي.

هن چيو ته شهري ايس او پيز جو خاص خيال رکن، ڊاڪٽرز چيو ته اومي ڪرون کان بچڻ جي لاءِ بهترين طريقو ماسڪ پائڻ آهي، احتياط سان گڏ ويڪسين به ضرور لڳرايو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته حڪومت سخت فيصلا نٿي ڪرڻ چاهي، عوام کي سهڪار ڪرڻ گهرجي، عوام سماجي تقريبن ۾ ايس او پيز جو خيال رکي.

مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف 8 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ ۾ اقتدار ۾رهي آهي،  پي ٽي آءِ وارا چون ٿا کير ۽ ماکي جون شاخون وهائي ڇڏيون آهن،  صحت ڪارڊ هڪ فراڊ آهي، جيڪو پي ٽي آءِ شروع ڪري رهي آهي، حڪومت جو ڪم اسپتالن کي بهتر انداز ۾ هلائڻ آهي، اسپتالون سٺي ريت هلن ته ماڻهو آساني سان علاج ڪرائي سگهن ٿا.

هن چيو ته خيرپور جي هڪ ننڍي علائقي ۾ ڪڊني، ليور ٽرانسپلانٽ مفت ٿيندو آهي، پوري پاڪستان جي ماڻهن جو خرچ سنڌ سرڪار برداشت ڪندي آهي، گمبٽ ۾ 11 ماڻهن جو بون ميرو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو،  ٽرانسپلانٽ بعد دوائن جو خرچ به سنڌ حڪومت برداشت ڪندي آهي.

سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ سائبر نائف آپريشن تي  50 هزار  کان 90 هزار ڊالرز خرچ ايندو آهي، جناح اسپتال ۾ سمورا آپريشن بنا معاوضي ڪيا ويندا آهن، جناح اسپتال ۾ 13 هزار 700 سائبرنائف آپريشن ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.